بجلي بل وڌڻ جو احساس آهي، عوام کي رليف ڏينداسين: احسن اقبال

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته احساس آهي ته بجلي جا بل ناقابل برداشت ٿي ويا آهن، ايندڙ 2 کان 3 سالن  ۾ عوام کي رليف ملندو. يوم آزادي جي تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته اڄ سوشل ميڊيا وڏو فتنو بڻجي ويو آهي. يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ احسن اقبال چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن هن ملڪ جي قيام لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون، اسان اندروني، علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.وفاقي وزير چيو ته پاليسين جي تسلسل سبب اسان ترقي جي هدفن جو صحيح تعين نه ڪري سگهيا آهيون، اسان کان پوءِ جيڪي ملڪ آزاد ٿيا اهي اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويا پر اسان اڃان به پنهنجي منزل جو تعين ڪري رهيا آهيون.احسن اقبال چيو ته حڪومت ملڪ جي معاشي، سماجي ۽ اداري جي رخ کان آگاهه آهي، واعدو ڪيو ته پاليسين جي تسلسل تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.