اسلام آباد ( م ڊ ) روسي صدر پيوٽن صدر ۽ وزيراعظم کي يوم آزادي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي.پاڪستان جي يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ روسي صدر چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا وڌي رهيا آهن، ٻه طرفي تعاون، دهشتگردي خاتمي ۽ افغان تڪرار جي حل لاءِ ڪوششون سٺا نتيجا ڏئي رهيون آهن. پيوٽن چيو ته اسان جا تعميري لاڳاپا عوام جي فائدي ۽ عالمي سلامتي جي لاءِ وڌيڪ هٿي ملندي، روسي صدر صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي نالي پيغام ۾ چيو ته مان توهان جي سٺي صحت ۽ ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيان، سمورن پاڪستانين جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهيان.