بئنڪاڪ(م ڊ) ٿائيلينڊ جي عدالت اڳوڻي وزير اعظم سريٿا ٿاويسن کي پنهنجي ڪابينا ۾ سزا يافته اڳوڻي وڪيل کي مقرر ڪرڻ تي برطرف ڪري ڇڏيو آهي.عدالت فيصلو ڏنو ته وزيراعظم سريٿا ”اخلاقي قدر“ ۽ ملڪ جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.62 ورهين جو سريٿا ٿاويسن 16 سالن ۾ ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻيو هو جنهن کي عدالت هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيستائين ٿائلينڊ جي پارليامينٽ نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ اجلاس نه ٿي گهرائي، تيستائين سندس جاءِ تي عبوري اڳواڻ مقرر ڪيو ويندو، عدالتي فيصلي کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سزا يافته وزيراعظم سريٿا ٿاويسن چيو ته مون کي پنهنجي ايمانداري ۽ قدمن تي پورو يقين آهي، مون کي افسوس آهي پر مان اهو نه ٿو چوان ته عدالتي فيصلي سان متفق نه آهيان، عدالت جو فيصلو حتمي آهي، ان خلاف اپيل نه ٿي ڪري سگهجي.