بنگلاديش ۾ هاڻوڪي شاگرد تحريڪ باھ ٻاري ڏني ۽ شيخ حسينا واجد کي ان ڳالهھ تي مجبور ڪيو ته اها حڪومت ڇڏي ڏئي.ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي دور ۾ پنهنجن مخالفن کي ڪچليو، روڊن تي گهليو، جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي ڦاهيون ڏياريون ۽ شيخ مجيب جي قاتلن کي به ڳولي لڌو ۽ اهي به ڦاهي چاڙهيا ويا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هوءَ انهن سڀني ڳالهين ۾ صحيح هئي ته هن کي ڪهڙي خوف ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو؟ ان ڳالهھ ۾ ڪجھه پاڪستاني اڳواڻن کي شابس ڏئي سگهجي ٿي جيڪي نه جهڪيا نه وڪيا ۽ انهن جيلن ۾ سختيون سٺيون پوءِ غلط يا صحيح. ان ۾ پهرين ڀٽي صاحب جو نالو کڻي سگهجي ٿو، پوءِ هاڻي عمران خان جي سموري ٽيم جيڪي هتي رهجي ويا، اهي سڀ سختيون پيا سهن پر ڳالھه رڳو شيخ حسينا واجد جي سياست جي ٿي ڪجي ته اها جڏهن مقبول هئي ۽ هن سڀ ڪم ڪيا ۽ بنگلاديش جي معيشت کي سڌاري وئي يا پاڻ ڀرو ڪري وئي ته هاڻي ڊڄي نه ها ۽ ملڪ مان فرار نه ٿئي ها ۽ملڪ ۾ رهي حالتن کي منهن ڏئي ها.
ان معاملي ۾ جتي مقامي ايجنسين جي مداخلت ڏسجي ٿي اتي سي آءِ اي جي ڪردار کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. ان ڪري ته ايجنسين جو اهو ڪمال ضرور هوندو آهي ته اهي سدائين انهن ماڻهن جي ڀر جهلي بيهندا آهن جيڪي اٻوجھه ۽ نٻل هوندا آهن، اهي پنهنجي حقن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن، اهي پنهنجي حقن جي لاءِ روڊن تي نڪرندا آهن. ان ڪري ايجنسيون انهن جي پاسي بيهي رهنديون آهن، مثال ابراهيم رئيسي کي ايران جي اندر نشانو نه پيو بڻائي سگهجي پر آذربائيجان پنهنجي ڪردار کي شڪي بڻائي ڇڏيو، ان ڪري ته اهي سي آءِ اي مائل آهن ۽ انهن جي ڪا حرفت ڪم ڪري وئي. پر اهي سڀ شيون جيستائين ڪنهن جانچ پڙتال ۾ اچن تيستائين وقت ٽپي ٿو وڃي. بنگلاديش ۾ به ايجنسين جو ڪمال ۽ هٿ جي صفائي ڏسي سگهجي ٿي. ساڳي وارتا رسول بخش پليجي جي ڪتاب ”جيئن بنگال سان ٿيو“ ۾ به آهي ته جڏهن طاقتور اداري جون گاڏيون روڊن تي هلنديون هيو ته انهن ۾ ويٺل بهاري نسل جا ماڻهو انهن جي ئي نسلن جا ماڻهو روڊن تي نڪري پاڪستان تي طنز، ٺٺول ۽ پاڪستان جي خلاف نعري باز ڪندا هيا ته گهرن ۾ لڪيل بنگالي وري انهن ماڻهن کي پنهنجو سمجهي روڊن تي نڪري ايندا هيا ۽ اهي به پاڪستان جي خلاف نعري بازي ڪندا هيا ۽ ان بهاني عسڪري طاقتون انهن کي جهلي وٺنديون هيون ۽ انهن جي مٿان گوليون هلائيندا هيا ته اهي واقعي پاڪستان مخالف آهن.
هاڻي به ائين ئي ٿيو جو چور کي چيائون ته چوري ڪر ۽ ڀاڳئي کي چيائون ته هوشيار ۽ خبردار ٿجان جو چور ٿا اچني. معني اسٽيبلشمينٽ ۽ بيورڪريٽس هڪ ته شيخ حسينا واجد کي ڪوٽا سسٽم بحال ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ اتي وري شاگرد سياست کي به تيز ڪيو ويو ته اک پٽيو ڪم خراب پيو ٿئي ۽ وري شاگرد سياست کي پوئتي موٽڻ جي راھ ئي نه ڏنن جو انهن جا 300 ڄڻا (شاگرد) مارجي به ويا، پر اهي انچ پوئتي نه موٽيا. ان طرح شاگرد سياست کي ايجنسين ڪامياب قرار به ڏنو ۽ ڪوٽا سسٽم ختم به ڪيائون. وري ساڳي فوج مٿي چڙهي ويٺي ۽ وري ساڳيا ئي شاگرد سياست جا اڳواڻ پاڻ عارضي حڪومت جو حصو به بڻجي ويٺا ۽ فوج کي ڌمڪي به ڏنائون ته هاڻي پوئتي ٿيو ۽ عام اليڪشن جو اعلان ڪيو. ڳالهھ سمجھه کان مٿي آهي ته اهي سڀ شيون ڪنٽرول ڪير ٿو ڪري، جو عام عوام وٽ ايتري طاقت آهي جو تختو اونڌو ڪري وري پنهنجي مرضي به هلائن ٿا.
فوج بنگلاديش تي 1975، 1982 ۽ 2007 ۾ مارشل لا لاڳو ڪري چڪي آهي ۽ ٽي دفعا 1980، 1996 ۽ 2011 ۾ چونڊيل حڪومتن کي ڪيرائڻ ۾ ناڪام ٿيون ، جنهن مان ثابت آهي ته اتي به فوج جو ڪردار اهم رهيو آهي.عوامي ليگ جي حڪومت بنگلاديش ۾ ٽوٽل 30 سالن مان 20 رهي آهي، جنهن ۾ شيخ حسينا واجد جي پارٽيءَ عوامي ليگ بنگلاديش کي مسلم رياستن ۾ جيترو مانُ ڏياريو شايد ڪنهن بنگالي ۽ ايشيائي اڳواڻ ڏياريو هوندو هجي. اها ٻي ڳالهھ آهي ته شاگرد بدقسمتيءَ سان بنگالي سياست کي پرتشدد بڻائي ڇڏيو ۽ اهڙي تحريڪ جي هجڻ جي ڪري احتجاج زور وٺي ويا جو حڪومت جي وس کان چڙهي ويا.
اها ڳالهھ به مڃون ٿا ته دنيا ۾ طاقتور ترين شاگرد تحريڪون رهيون آهن، جن دنيا جا نقشا بدلائي ڇڏيا، جنهن ۾ 1943 ۾ جرمنيءَ ۾ ”وائيٽ رووليوشن“ جي نالي سان شاگرد تحريڪ جنهن ۾ هٽلر جي خلاف نفرت اڀاري. 1960 ۾ اتر ڪيولينا ۾ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن ڏڦيڙ ڪيا .1960 ۾ ويٽنام جي جنگ جي خلاف آمريڪا ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ٿيو، ۽ 1970 ۾ آمريڪا ڪمبوڊيا تي حملو ڪيو احتجاج وري زور وٺي ويا، انهي سال 1960 ۾ ميڪسيڪو ۾ شاگردن باھ ٻاري ڏني جو خوني احتجاج شروع ٿي ويا هيا. ڏکڻ آفريڪا ۾ 1961 ۾ شاگرد احتجاج شروع ٿي ويا هيا. 1989 ۾ جرمني جي برلن وال ڪري پئي، 1993 ۾ چيڪ سلويڪيا الڳ الڳ ٿي ويا ۽ شاگردن احتجاج ڪيا. 1989 ۾ چيني شاگردن به زبردست احتجاج ڪيا. 2018 ۾ ويلنٽائين ڊي تي آمريڪا ۾ 17 شاگردن مارجي ويا هيا. 2018 ۾ سويڊن ۾ شاگردن موسمياتي تبديلين جي لاءِ زبردست احتجاج ڪيو. 2019 ۾ ٿائيلينڊ ۾ شاگردن فوجي حڪومت جي خلاف احتجاج ڪيا.
ان سڄي پيش منظر ۾ چوڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته بنگالي رياست انهن سڀني شين کي پاڻ رياستي پاور سان ڪنٽرول ڪري پر هو سدائين سياست جا سرموڙ ڪردار شاگردن مان ئي ڳوليندا رهيا آهن، جنهن ۾ هنن جي ماضيءَ ۾ تحريڪون هلايون، جن جا اڳواڻ شيخ مجيب جهڙا پاڻ رهيا جيڪو اڊيالا جيل ۾ به رهيو. شيخ مجيب الرحمن کي 15 آگسٽ 1975 تي فوجي بغاوت دوران سندس ذاتي رهائشگاه ۾ سندس خاندان جي اڪثر ماڻهن سميت باغي فوجي آفيسرن کين قتل ڪيو ويو. سندس زال، ڀاءُ، ٽي پٽ، ٻه ڌيئرون ۽ ٻيا مائٽ، پرسنل اسٽاف، پوليس آفيسر، بنگلاديش فوج جو هڪ برگيڊيئر جنرل ۽ ٻيا ڪيترائي فوجي بغاوت دوران مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا هيا، پر آرمي چيف ڪي ايم شفيع الله بغاوت کي روڪڻ ۾ ناڪام ويو ۽ باغي فوجين شيخ مجيب کي سندس گهر جي ڏاڪڻ تي گوليون هڻي ماريو ويو. شيخ مجيب کي هندستاني انٽيليجنس سميت ڪيترن ئي ماڻهن طرفان ان امڪاني بغاوت بابت خبردار ڪيو ويو هو. پر مجيب انهن تي ڌيان نه ڏنو ۽ چيائين ته هن جا پنهنجا ماڻهو کيس ڪڏهن به ايذاءُ نه ڏيندا. جرمن سياستدان ۽ وفاقي چانسلر ولي برانڊٽ جذباتي انداز ۾ چيو هيو ته شيخ مجيب جي قتل کانپوءِ بنگالين تي وڌيڪ اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي، جن مجيب کي قتل ڪيو، اهي ڪو به بزدلاڻو ڪم ڪري سگهن ٿا.
ان سموري صورتحال کي شيخ حسينا جي هاڻوڪي سياسي بزدلي سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي، ان ڪري ته هاڻوڪي صورتحال ۾ هوءَ ايترو ئي ڪمزور آهي جيترو شيخ مجيب پاڻ مضبوط هيو ۽ هن ڀلي ڪيترا ڀيرا اولهھ پاڪستان طرفان بنگالي قومپرستيءَ جي ڏوھ ۾ جيل ڪاٽيا، پر پنهنجي موقف تان نه هٽيو ڇو جو هو غلط نه هيو. پر بنگالين کي درد ان ڳالھه جو به آهي ته شيخ حسينا واجد ملڪ ۾ 300 شاگرد ماريا ۽ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان قوم کي خطاب ڪندي هن اها ئي سول ڊڪٽيٽرشپ ڏيکاري جنهن ۾ انهن شاگردن کي 1971 واري پاڪستانين جي اولاد سڏيو ۽ انهن کي چيلينج به ڪيو ته انهن جي مٿان عسڪري ادارا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڃان به سختيون ڪن. حقيقت ۾ اڻبرابري ۽ معاشرتي ڀيٽ ۾ هاڻوڪي بنگلاديش کي ٻوڙي رکيو ۽ رياست پريشاني جو شڪار بڻجي وئي ۽ جيڪي به معاشي بهتريون ڪيائين اهي سڀ بدتر ٿي ويون. ان ڪري ته جيڪي هاڻي شاگرد سياست جا اڳواڻ پاڻ عارضي حڪومت ۾ ويٺا آهن، اهي به هن کي چيلينج ٿا ڪن ته هو ملڪ ۾ اچي ۽ انهن سڀني شين جو حساب ڪتاب ڏئي، جنهن ۾ 300 شاگردن جي مارجڻ کا وٺي اهي سڀ ناانصافيون شامل آهن، جن ۾ هن شيخ مجيب جي قاتلن کان وٺي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي ڦاهيون چاڙهيون ۽ پنهنجي مخالفن کي جيل ۾ وڌو..