لاهور(معظم فخر)جنرل فيض حميد کانپوءِ پراجيڪٽ عمران خان سان ڳنڍيل هر هڪ شخص جي احتساب جو وقت اچي ويو،جنرل فيض حميد پنهنجي گرفتاري کان اڳ گهڻن ماڻهن سان رابطي ۾ هو، پراجيڪٽ عمران خان کي سڀ کان وڌيڪ استعمال اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪيو، باجوا اداري جي بائونڊري به پار ڪري عمران خان جي حمايت ڪئي هئي، بي اعتمادي رٿ دوران به جنرل باجوا ڊبل گيم ڪندو رهيو،هن چوڌري پرويز الاهي کي عمران خان سان گڏ وڃڻ جو مشورو ڏنو هو، اقتداري شهر ۾ اها خبر به گرم آهي ته جنرل باجوا جي گهر جي چوڌاري نوان اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ۽ اڳوڻي آرمي چيف ان سيڪيورٽي روٽين ۾ تبديلي تي ڪو به اعتراض ناهي ڪيو، ان جو مطلب ته باجوا کي به خبر آهي ته مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي، ايندڙ ڏينهن سياست ۾ هنگاما خيز ثابت ٿيندا، فيض حميد جي گرفتاري سان هڪ انڪشاف اهو ته ٿيو ته پي ٽي آءِ کي ”ڪير“ هلائي رهيو هو، پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا تي وڏو ڪريڪ ڊائون ٿيڻ وارو آهي،هن وقت پي ٽي آءِ ۾ ماٺار ڇانيل آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 14 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو