اسلام آباد(گوهر بٽ)جنرل فيض حميد سان گڏ 52 ماڻهو گرفتار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، انهن ۾ ڪجهه غير سياسي ماڻهو شامل آهن، عمران خان جنرل فيض حميد کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي،آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جي اعترافن جو سلسلو به جلد شروع ٿيڻ وارو آهي، جنرل فيض عمران خان لاءِ ايترو خطرناڪ نه هوندو جيترو بشريٰ بي بي عرف پنڪي پيرڻي لاءِ هوندو، جنرل فيض ئي اهو ” جن“ آهي جيڪو پنڪي پيرڻي کي سمورا اطلاع ڏيندو هو، جنهن جي بنياد تي اڳوڻا وزيراعظم فيصلا ڪندو هو،پنڪي پيرڻي ئي پنجاب تي عثمان بوزدار ۽ فرح گوگي کي مڙهيو، فيض حميد جي خاندان وٽ شروع ۾ تمام گهٽ زمين هئي هو جڏهن آءِ ايس آءِ سربراهه ٿيو ته هن وٽ 2200 ايڪڙ زمين ٿي وئي،ڪيترن ئي ڊيرن تي مهانگا فرنيچر لڳل آهن، جنرل فيض جي گرفتاري کانپوءِ” ڊپلوميٽڪ انڪليو“ مان اهڙو ڪو ردعمل ناهي آيو،جنرل فيض حميد پاڪستان ۾ سياسي انتشار جو محرڪ هو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 14 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو