فيض حميد جاچ ۾ وڏا نالا فاش ڪري سگهي ٿو؟

اسلام آباد(اعجاز احمد+آصف بشير چوڌري)فيض حميد خلاف چارج شيٽ وڏي آهي،ان  ۾ ڪي پي ۾ افغانستان ۾ ٽي ٽي پي  کي ٻيهر واپس آڻي ويهارڻ به شامل آهي، خالي 9 مئي نه قومي سلامتي سان ڳنڍيل ٻيا معاملا به آهن، پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار به وڪڙ ۾ پوڻ وارا آهن، فيض حميد 6،7 سالن تائين پاڪستان جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل رهيو،هن پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، اهو سڄو معاملو پاڪستان جي فوج، عدليه ۽ نام نهاد آزاد ميڊيا ڏسندي رهي،فيض حميد ملڪ جو پهريون جاسوس آهي جنهن جو نالو ملڪ جي ٻچي ٻچي کي خبر هو، جاچ ۾ هن سازش ۾ شامل ماڻهن جا نالا کنيا ته گهڻن ججن،سياستدانن ۽ ٻين ماڻهن جا نالا سامهون ايندا،فوجي قيادت هاڻي احتساب جو ڏنڊو کڻي ڇڏيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 14 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.