پيوٽن جو آزادي ڏهاڙي تي صدر ۽ وزيراعظم لاءِ خاص پيغام

اسلام آباد/ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روسي صدر والاديمير پيوٽن پاڪستان جي 77 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي صدر ۽ وزيراعظم مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
پاڪستان جي يومِ آزادي جي پنهنجي پيغام ۾ روسي صدر چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻطرفي سهڪار، دهشتگردي جي خاتمي ۽ افغان تڪرار جي نبيري جون ڪوششن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.
پيوٽن چيو ته عوام جي مفاد ۽ عالمي سلامتي لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ تعميري لاڳاپا وڌيڪ پائيدار ۽ مثبت نتيجا ڏيندا.
روسي صدر پنهنجي پيغام۾صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي سٺي صحت ۽ ڪاميابي لاءِ دعا ڪئي ۽ پاڪستاني قوم لاءِ امن ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.