ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ موبائيل واهپيدار اڃا تائين انٽرنيٽ سروسز استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي اسپيڊ مسلسل سست رفتاري ۽ ڊيٽا تي انٽرنيٽ سروسز ۾ سخت متاثر هئڻ جون شڪايتون اچي رهيون آهن.
ٻئي پاسي سماجي رابطن جي اهم ويب سائيٽ واٽس ايپ ڊائون ٿيڻ سبب شهري ۽ ڪاروباري شعبن سان واڳيل ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ سروسز متاثر سبب نه رڳو سندن بنيادي حق متاثر ٿي رهيو آهن پر رياست کي به وڏو مالي نقصان جوخدشو آهي.
انٽرنيٽ سروسز متاثر ٿيڻ سبب آن لائين سميت ڪاروباري ڏيتي ليتي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، واهپيدار سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي بندش تي به سراپا احتجاج آهن ۽ ان کي اظهار جي آزادي تي حملو قرار ڏئي رهيا آهن.
شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز بند ڪرڻ بدران شهري آزادي کي اهميت ڏني وڃي.
هوڏانهن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن طرفان سموري ملڪ ۾ڪيئي ڏينهن کان انٽرنيٽ سروس متاثر هئڻ باوجود ڪنهن به قسم جو موقف ناهي ڏنو.
You might also like