اسلام آباد(م ڊ)تجزئي نگار ارشاد ڀٽي چيو آهي ته جنرل فيض حميد خلاف ڊي جي سي طور ٽي انڪوائريون،ڊي جي آءِ ايس آءِ ٻه انڪوائريون، ڪورڪمانڊرشپ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ هن خلاف ٽي انڪوائريون جاري آهن، انهن ۾ سياسي معاملن واري جاچ به شامل آهي، پاڪ فوج جو اعليٰ سطحي پنهنجي گهر اندر احتساب وڏو قدم آهي،ڪنهن کي گمان ۾ نه هو ته هن خلاف ڪارروائي ٿيندي،سينئر صحافي سليم صافي چيو ته فيض حميد خلاف فوج اندر ڪارروائي غيرروايتي آهي،پاڪستان ۾ ان جو مثال نٿو ملي،ڪو ان جي اميد به نه ڪري رهيو هو، هن چيو ته فيض حميد جيڪي ڪارروايون عهدن تي رهي ڪيون انهن تي ڪارروائي نه ٿيندي ڇو ته اها اداري جي پاليسي هئي،ٽاپ سٽي جو معاملو هن جو انفرادي عمل هو ان ڪري سپريم ڪورٽ به وچ ۾ اچي وئي،