اسلام آباد(انصار عباسي) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد جي گرفتاري سال جي وڏي خبر آهي، پي ٽي آءِ ۽ عمران خان لاءِ به خراب خبر آهي،پي ٽي آءِ وڌيڪ مشڪلات پيدا ٿي وئي،عمران خان پراجيڪٽ کي اڳتي وڌائڻ ۾ جنرل(ر) فيض حميد جو به اهم ڪردار هو،عمران خان جنرل باجوا کانپوءِ جنرل فيض حميد کي آرمي چيف بڻائڻ جو خواهشمند هو،جڏهن ته بدنام زمانه فيض آباد ڌرڻي ۾ جنرل(ر) فيض حميد جي ملوث هئڻ جو وڏو هُل هو پر سول حڪومت پاران جوڙيل انڪوائري ڪميشن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي،اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال سميت حڪومتي شخصيتن فيض حميد جي ملوث هئڻ بابت ڪو به بيان نه ڏنو ان انڪوائري تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو ته اها ڪهڙي انڪوائري آهي جنهن ۾ ڪنهن کي به ذميوار قرار ناهي ڏنو ويو؟ ملڪي تاريخ ۾ فوج ۾ جنرل فيض جي گرفتاري جو ان کان اڳ ڪو وڏو مثال نٿو ملي.