”جنرل فيض آرمي چيف بڻائڻ لاءِ نواز شريف کي منٿون ڪيون“ خواجا آصف جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف انڪشاف ڪيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد نواز شريف ۽ شهباز شريف کي پيغام موڪليو ته کيس آرمي چيف بڻايو وڃي، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ آخري 24 ڪلاڪن تائين آرمي چيف ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.
خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته جنرل باجوا پنهنجي مدي ۾ واڌ يا فيض حميد کي آرمي چيف بڻائڻ ٿي چاهيو.
هن چيو ته جنرل قمر جاويد باجوا جي رٽائرمينٽ جو وقت ويجهو ايندي ئي فيض حميد پاڻ آرمي چيف بڻجڻ لاءِ 24 ڪلاڪن تائين ڪوششون جاري رکيون.
هن چيو ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد آرمي چيف بڻجڻ لاءِ نواز شريف کي منٿون ڪندو رهيو.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته جنرل باجوا پنهنجي عهدي ۾ واڌ يا فيض حميد جي آرمي چيف طور مقرري چاهي ٿي، آخر ۾ هن اسان جي حڪومت کي مختلف آپشن پڻ ڏنا ته جيڪڏهن ليفٽيننٽ جنرل فيض کي آرمي چيف نه بڻايو وڃي ته پوءِ جنرل عاصم منير کي اهو عهدو نه ڏنو وڃي.
بچاءَ واري وزير چيو ته جيڪي سياسي واقعا ٿيا انهن ۾ جنرل (ر) فيض حميد جو ضرور هٿ هوندو، جنرل باجوا جو ساڻس ويجهو واسطو هو، ٻنهي جا سهرا ويجها ساٿي هئا، فيض حميد پيغام ته ڏاڍا پهچايا.
هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري وقت فيض حميد چيو ته منهنجي مٿي تي هٿ رکو، جنرل باجوا ريٽائرمينٽ کان ڪجهه ڏينهن اڳ فيض حميد جو ساٿ ڇڏي ڏنو هو، هو جنرل فيض کانسواءِ ٻئي نالي تي زور ڏئي رهيو هو. آرمي چيف جي مقرري لاءِ هن اسان مان هڪ ماڻهو پاڻ سان شامل ڪيو.
خواجا آصف جو چوڻ هو ته جنرل فيض حميد مڙڻ وارو نه هو، جنرل فيض جو ريٽائرمينٽ کانپوءِ به سياسي واقعن ۾ هٿ رهيو، جيڪڏهن 9 مئي ۾ مداخلت جي ڳالهه درست آهي ته اهو اڪيلي فيض حميد جو ڪم نه هوندو، 9 مئي جي حالتن ۽ واقعن جي آڱر فيض حميد ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي.
هن چيو ته فوج جو اندروني احتساب جو انتظام اثرائتو آهي، فوج جو اندروني نظام متاثر ٿئي ته ميرٽ تي سخت فيصلا ٿيندا آهن، سياسي معاملا اچي وڃن ته شيون بليڪ اينڊ وائيٽ ۾ ناهن رهنديون.
هن انڪشاف ڪيو ته 2019 ۾ جنرل فيض سان ملڻ مون سميت 3 ماڻهن کي وڃڻو هو، اڃا اسان ويٺا ئي نه هئاسين ته فيض چيو ته اسان وزيراعظم مان تنگ ٿي ويا آهيون، هڪ صاحب لاهور مان نه پهچي سگهيو، ٻيو عمري تي هو، جيڪي اقتدار جي پٺيان ڊوڙيندا آهن انهن سان ائين ئي ٿيندو آهي، مان پنهنجي ڳالهين تي قسم کڻڻ لاءِ تيار آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.