اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 16 آگسٽ کان لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پيٽرول اٺ رپيا 36 پئسا جڏهن ته ڊيزل ست رپيا 70 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ چار رپيا 49 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ به 7 رپيا 71 پئسا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي.
اوگرا پاران پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي ورڪنگ 15 آگسٽ تي ناڻي واري وزارت ڏانهن اُماڻي ويندي، ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان نون اگهن جو اعلان ڪندي.