بنگلاديش ۾قانون کاتي جي اهم آفيسرن وڏي انگ ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڍاڪا ( م ڊ )  بنگلاديش جي وزيراعظم جي عهدي تان شيخ حسينا جي استعيفيٰ ۽ ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ سندس دور ۾ مقرر قانون کاتي جي اهم آفيسرن وڏي انگ ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. بنگلاديشي ميڊيا موجب اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا جي دور ۾ مقرر ڪيل سرڪاري وڪيلن به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب 5 آگسٽ تي شيخ حسينا جي استعيفيٰ کانپوءِ قانون کاتي جي 207 سرڪاري آفيسرن مان 68 هڪ هفتي اندر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي،  انهن ۾ سينيئر وڪيل اي ايم امين الدين به شامل آهي، جنهن 7 ​​آگسٽ تي اٽارني جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ محمد مرشد 6 آگسٽ تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.