شيخ حسينا واجد آمريڪا تي حڪومت ڪيرائڻ جو الزام هڻي ڇڏيو

نئين دهلي (م ڊ) بنگلاديش ۾ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ ڀارت فرار ٿيل شيخ حسينا واجد آمريڪا کي حڪومت ڪيرائڻ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. شاگردن جي ڪوٽا سسٽم خلاف پرتشدد  احتجاج سبب 5 آگسٽ تي حسينا واجد وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ملڪ مان فرار ٿي ڀارت ۾ پناهه ورتي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب حسينا واجد ويجهن ساٿين کي پيغام ۾ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا نار بنگال تي اثر رسوخ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ سينٽ مارٽن جي ٻيٽ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي پيو. مان ٻيٽ جو ڪنٽرول آمريڪا حوالي نه ڪيو ته منهنجي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ استعيفيٰ به ان لاءِ ڏني جو وڌيڪ شاگرد ۽ عوام نه مارجن. حسينا واجد دعويٰ ڪئي ته مان اقتدار ۾ رهي پئي سگهيس پر مان ٻيٽ تي خودمختياري ڇڏي ڏيان ها ۽  آمريڪا کي نار بنگال تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏيان ها. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پارٽي جا ڪيترائي اڳواڻ ماريا پيا وڃن ۽ ڪارڪنن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، اهو سڀ ٻڌي مون کي ڏک ٿيو آهي، مان جلد ڏيهه واپس اينديس، مان ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ دعاگو آهيان جنهن لاءِ منهنجي پيءُ ۽ ڪٽنب حياتيون قربان ڪيون. رضاڪار تي وضاحت ڏيندي هن چيو ته مان شاگردن کي چوڻ چاهيان ٿي ته مان ڪڏهن به رضاڪار نه چيو، منهنجي لفظن کي غلط رنگ ڏئي پيش ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته بنگلاديش جي شهرين ڏانهن سندس اهڙو بيان ملڪ  مان فرار ٿيڻ کان اڳ واري تقرير جو حصو آهي. خيال رهي ته سينٽ مارٽن ٻيٽ نار بنگال ۾ 3 ڪلوميٽر جو ننڍڙو ٻيٽ آهي جيڪو بنگلاديش جي ڏکڻ پاسي واقع آهي. ان کان اڳ هڪ پارلياماني اجلاس دوران شيخ حسينا آمريڪا تي بنگلاديش ۾ حڪومت جي تبديلي جي ڪوشش جو الزام لڳايو هو.

  1. بنگلاديش ۾ شيخ حسينا واجد جي نالي سان اداري جو نالو مٽائڻ جو فيصلو

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي نالي سان واڳيل عمارت جو نالو تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. عبوري  حڪومت ۾ راندين ۽ نوجوانن جي صلاحڪار آصف محمود اعلان ڪيو ته شيخ حسينا نيشنل انسٽيٽيوٽ آف يوٿ ڊيولپمينٽ جو نالو تبديل ڪري ”بنگلاديش نيشنل انسٽيٽيوٽ آف يوٿ ڊيولپمينٽ“ رکيو ويندو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شيخ حسينا جو نالو بنگلاديش ۾ رتوڇاڻ سان واڳيل آهي ان لاءِ نالو تبديل ڪيو پيو وڃي.

  1. بنگلاديش جي عبوري حڪومت پاران حسينا واجد کي وطن واپس آڻڻ تي غور

ڍاڪا ( م ڊ ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت حسينه واجد کي وطن واپس آڻڻ تي غور ڪري رهي آهي،  بنگلاديش جي عبوري حڪومت ۾ پوسٽل، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ اسٽوڊنٽس اگينسٽ ڊسڪريمينيشن جي مرڪزي اڳواڻ ناهيد اسلام چيو آهي ته شيخ حسينه واجد کي وطن واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي خابرو اداري ”رائٽرز“ کي ڏنل پنهنجي پهرين انٽرويو ۾ بنگلاديش اسٽوڊنٽ موومينٽ جي مرڪزي اڳواڻ ناهيد اسلام چيو ته مان حيران آهيان ته برطرف ٿيل وزيراعظم شيخ حسينه واجد ملڪ مان ڇو ڀڄي وئي. هن چيو ته اسان بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم جي دور حڪومت ۾ ٿيل قتلن جو انصاف چاهيون ٿا ۽ اهو شاگرد تحريڪ جو اهم مطالبو آهي، ان حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن شيخ حسينه واجد بنگلاديش واپس نه آئي ته عدالتي نظام يا اسپيشل ٽربيونل ذريعي سندس گرفتاري لاءِ قدم کڻنداسين.  هڪ سوال جي جواب ۾ ناهيد اسلام چيو ته عبوري حڪومت جي ترجيح صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، جڏهن ته چونڊن کان اڳ چونڊ سڌارا ۽ آئيني سڌارا ترجيحن ۾ شامل آهن.ان کان علاوه گذريل حڪومت دوران ٿيل مبينا ڪرپشن جي جاچ به عبوري حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي،  بنگلاديش جي شاگرد تحريڪ جي هڪ ٻئي اڳواڻ ابوبڪر ”رائٽرز“ کي ڏنل انٽرويو ۾ به ساڳيو مطالبو ڪيو، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته حسينه واجد پنهنجي ملڪ واپس اچي ۽ ڪيسن کي منهن ڏئي.

  1. آمريڪا ۾ عوامي ليگ جي اڳواڻن تي پابنديءَ جو مطالبو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي قانون سازن بنگلاديش جي اڳوڻي حڪومتي اهلڪارن تي پابندين جو مطالبو ڪيو آهي.  آمريڪي ڪانگريس جي ڪجهه ڊيموڪريٽس ميمبرن  آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ ناڻي واري سيڪريٽري کي خط لکيو  آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وحشياڻو ڪريڪ ڊائون ڪندڙ بنگلاديشي اڳواڻن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، شيخ حسينه جي عوامي ليگ جي جنرل سيڪريٽري ۽ گهرو وزير تي پابندي لڳائي وڃي. خط ۾ آمريڪي قانون سازن لکيو ته پرامن ۽ جمهوري بنگلاديش جي حمايت لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته هن بنگلاديش جي اختيارين خلاف پابندين جي منظوريءَ بابت ڪاررواين جو في الحال جائزو نه ورتو آهي.

  1. بنگلاديش ۾ عبوري حڪومت جي مدي تي آئين خاموش

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ محمد يونس جي سربراهيءَ ۾ عبوري حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ اهو بحث هلي رهيو آهي ته اها حڪومت ڪيتري  عرصي تائين اقتدار ۾ رهندي. نئين حڪومت جي قانون بابت صلاحڪار آصف نذر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن سميت مختلف شعبن ۾ سڌارا اچڻ تائين عبوري حڪومت قائم رهندي. قانوني ماهرن موجب هي نظام عوامي بغاوت ۽ شيخ حسينه حڪومت جي خاتمي سبب قائم ٿيو هو پر اهڙو ڍانچو آئين ۾ ڪٿي به موجود ناهي، ان لاءِ مدي بابت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. بيرسٽر جيوترمائي بروا چيو ته جڏهن نگران ڪابينا محسوس ڪندي ته ماحول شفاف چونڊن لاءِ تيار آهيته چونڊن جو اعلان ڪيو ويندو. ان کان اڳ حڪومت جي مدي بابت اندازو لڳائي نٿو سگهجي. تجزيه نگار محي الدين احمد چيو ته هاڻي سڌارن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي ۽ ان ۾ وقت لڳندو. بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي سيڪريٽري جنرل مرزا فخر الاسلام عالمگير نگران حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ڪڍيل ريليءَ ۾ ٽن مهينن اندر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. عدليه ۽ پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار پروفيسر آصف نذر چيو ته عوام سڌارا چاهي ٿو. اسان جي اها ذميواري آهي، ان لاءِ سڌارن آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين. نگران حڪومت جي مشاورتي ڪميٽي جي پهرين اجلاس کانپوءِ صلاحڪار سيده رضوانه حسن چيو ته هي عبوري حڪومت ملڪ ۾ جمهوري سفر شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسان صرف هن تياري لاءِ گهربل وقت وٺنداسين.

  1. عوامي ليگ جي حامي يونيورسٽي آفيسرن کي به استعيفي’ ڏيڻ جو الٽيميٽم

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ عوامي ليگ جي حامي ججن کانپوءِ يونيورسٽين جي آفيسرن کي  به الٽيميٽم ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏين. بنگلاديشي ميڊيا موجب ڍاڪا جي جگن ناٿ يونيورسٽي جي شاگردن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار کي سڀاڻي 3 وڳي استعيفيٰ ڏيڻ جو الٽيميٽم ڏنو آهي. يونيورسٽي ۾ شاگردن ڪالهه ريلي ڪڍي وائيس چانسلر ۽ عوامي ليگ جي حامي ٻين آفيسرن جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.