ٽرمپ آمريڪي سلامتيءَ لاءِ حقيقي خطرو آهي: جو بائيڊن

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي سلامتي لاءِ حقيقي خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته منهنجا لفظ ياد رکو، جيڪڏهن هو هي اليڪشن کٽي وڃي ٿو ته ڏسجو ڇا ٿو ٿئي. صدارتي اليڪشن تان  هٿ کڻڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين انٽرويو ۾ جو بائيڊن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي سلامتي لاءِ حقيقي خطرو آهي. هن چيو ته اسان تاريخ جي اهم موڙ تي آهيون، ان ۾ جمهوريت اهم آهي، هن اعتراف ڪيو ته هو ڊونلڊ ٽرمپ سان بحث ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، پر واضح ڪيو ته هن کي صحت جو ڪو به سنجيده مسئلو ناهي. صدارتي اميدوار طور هٿ کڻڻ جي وضاحت ڪندي هن چيو ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ ٻين سياستدانن کي ڊپ هو ته سندس کٽڻ جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو ۽ سندن واحد ترجيح ٽرمپ کي اقتدار ۾ واپس اچڻ کان روڪڻ آهي.

  1. وزيراعظم سان مسجد نبي صه جي امام ڊاڪٽر صلاح محمد البدير جي ملاقات

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان مسجد نبي صه جي امام ڊاڪٽر صلاح محمد البدير ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس چيو ته اوهان جو دورو پاڪستان لاءِ اعزاز آهي. اوهان جي دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا.  مسجد نبوي صه جي امام شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ٻي سعودي قيادت جو نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم شهباز شريف خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صحيت ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ دعا ڪئي ۽ شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيائين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا مثالي آهن. سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. مسجد نبوي صه جي امام پاڪستان ۾ شاندار ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر صلاح محمد البدير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ڪڏهن هڪ ٻئي کان ڌار  نٿا ٿي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.