ثقافت کاتي جي مشروط حمايت، قانون ۽ سيڙپڪاري کاتي پاران معاملو عدالتي فيصلي سان مشروط

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) کارسر وٽ ڪارونجھر جي ڪٽائي بابت سنڌ ڪابينا جي فيصلن جا تفصيل ظاھر ٿيا آهن، ڪميٽي جا نالا به سامھون اچي ويا آهن. معدنيات کاتي پاران ڪابينا ۾ منظوري لاءِ اماڻيل سمري ۽ اجلاس جا منٽس سامهون اچي ويا آهن،ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته عدالتي اجازت سان کارسر وٽ ڪٽائي ڪري سگھجي ٿي ڇاڪاڻ ته اھو ڪارونجھر کان 25 ڪلوميٽر پري آھي،علائقي ۾ نه ته ٻيلو آھي نه وري اھڙو ڪو مذھبي يا تاريخي ماڳ آھي جيڪو ثقافتي  کاتي تحت محفوظ ماڳ قرار ڏنل ھجي ،ان علائقي جي 3.6 اسڪوائر ڪلوميٽرن اندر 284 ملين ميٽرڪ ٽن قيمتي پٿر موجود آھي جنھن جي ڪٽائي تي ھاءِ ڪورٽ جي پابندي آھي،سيڪريٽري اھو به ٻڌايو ته کارسر جنگلي جيوت جي محفوظ پناھگاھ قرار ڏنل آھي پر اتي قانون ۾ نرمي ڪري ڪٽائي ڪري سگھجي ٿي،قانون ۾ نرمي ۽ ڪٽائي جي اجازت وارو اھڙو فيصلو ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري ۽ مقامي چيئرمين جي گڏيل سربراھي ۾ جڙيل ڪميٽي ڪري سگھي ٿي. منٽس موجب کارسر وٽ ڪٽائي جي تجويز جي ثقافت کاتي به مڪمل طور حمايت ڪئي، قانون واري وزارت ٻڌايو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪارونجھر جي ڪٽائي کان روڪڻ لاءِ پوئين سال آڪٽوبر ۾ فيصلو ڏنو،سنڌ جي نگران سرڪار ان کي سپريم ڪورٽ ۾ کنئي وئي. ھلندڙ سال 7 مئي تي عدالت ثقافت کاتي کي ھدايتون ڏنيون ھيون ته ڪارونجھر جي پوري علائقي تھذيبي ورثو قرار ڏئي اھڙو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ثقافت کاتي جي چوڻ تي اھو معاملو به قانون واري وزارت سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وئي ۽ خدابخش مري واري درخواست سان ان کي ڳنڍي ڇڏيو. قانون واري وزارت ان حوالي سان فني معاملن تي ڪو به فيصلو لاڳاپيل کاتن جي مٿان ڇڏيو. سيڙپڪاري واري وزارت جو چوڻ ھيو ته ننگرپارڪر ۾ گرنائيٽ لاءِ خصوصي اڪانمڪ زون جوڙڻ وارو قدم سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مشروط آھي. سنڌ جي سيڙپڪاري کاتي جو اھو به چوڻ ھيو ته ھن مرحلي تي اھڙو اقتصادي زون جوڙڻ وقت کان اڳ ٿيندو. وڏي وزير جي ھدايتن تي اھو عمل ڪابينا جي اجلاس ۾ بحث لاءِ رکيو ويو،سنڌ ڪابينا کارسر وٽ ڪٽائي واري اسم جي عدالتي اجازت سان مشروط اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،ڪابينا جي فيصلي تحت 2 آگسٽ تي ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو،پھرين گڏجاڻي 19 آگسٽ تي رکي وئي،ڪميٽي جو چيئرمين ٻيلي کاتي ۽ جھنگلي جيوت کاتي جو سيڪريٽري بدر جميل مينڌرو مقرر ڪيو ويو،شريڪ چيئرمين ننگرپارڪر مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي جو ميمبر محمد قاسم سومرو مقرر ڪيو ويو. ميمبرن ۾ آئي يو سي اين جو نمائندو محمود اختر چيما، ڊبليو ڊبليو ايف جو غازي صلاح الدين شامل ڏيکاريا ويا، ميمبرن ۾ ماحولياتي ماھر عافيا سلام، سنڌ وائلڊ لائيف کاتي جو جاويد مھر ۽ مير اعجاز ٽالپر شامل آهن. ڪابينا ۾ رامسر ڪنوينشن جو ذڪر نه ٿيو پر ڪميٽي جي ٽي او آرز ۾ مڃيو ويو ته کارسر جو علائقي رامسر ڪنوينشن تحت محفوظ علائقو آھي. ڪميٽي ان حوالي سان جھنگلي جيوت واري قانون ۾ نرمي ڪرڻ ۽ مقامي ماڻھن کي ڪٽائي جي حوالي سان راضي ڪرڻ بابت پنھنجي رپورٽ کاتي کي تيار ڪري ڏيندي. ڪميٽي جي رپورٽ ڪابينا جي اجلاس ۾ وڌيڪ منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي،جنھن کان پوءِ حتمي فيصلو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.