اسلام آباد(انصار عباسي+فخر دراني)ڇا حڪومت ايندڙ چيف جسٽس جسٽس منصور علي شاهه جي مقرري روڪي ڇڏيندي؟ اڃا تائين سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو،پارليامينٽ ۾ حڪمران ڌر پاران عدليه خلاف سخت تقريرون سامهون اچڻ لڳيون ڇو ته مخصوص سيٽن بابت فيصلو جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 8 رڪني بئنچ لکيو هو، جسٽس منصور علي شاهه کي ٻن مهينن کانپوءِ چيف جسٽس بڻجڻو آهي، 25 آڪٽوبر تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رٽائر ٿي رهيو آهي،پارليامينٽ ۽ ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه وچ ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول هينئر کان ئي بڻجڻ شروع ٿي چڪو آهي،مستقبل جي چيف جسٽس عدليه جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي،جڏهن ته مخصوص سيٽن بابت اعليٰ عدليه آئين جي ڪجهه شقن جي متضاد فيصلو ڏنو آهي،حڪومت وٽ هڪ آپشن آهي ته ججن سميت سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائي ڇڏي،ججن جي رٽائرمينٽ جي عمر 65 سال بدران 67 يا 68 سال ڪئي ويندي،ان سلسلي ۾ حڪومت کي آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي ۽ ان لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت به گهربل آهي، جنهن بعد جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ملازمت مدي ۾ واڌ ٿي ويندي،اهو به امڪان آهي ته حڪومت ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه جي مقرري جو نوٽيفڪيشن 25 آڪٽوبر تي جاري ڪري ڇڏي،ان کان اڳ به نوٽيفڪيشن جاري ٿي سگهي ٿو،پارليامينٽ آئين ۾ ترميم کانسواءِ جسٽس منصور علي شاهه جي مقرري نٿي روڪي سگهي ٻئي پاسي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس کانپوءِ چيف جسٽس جا بئنچ ٺاهڻ ۽ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي حوالي سان اختيار گهٽ ٿي ويا آهن،بئنچ جوڙڻ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي فيصلو ڪندي آهي،مخصوص سيٽن بابت فيصلو آئين جي آرٽيڪل 187 تحت ڏنو ويو،ان آرٽيڪل جي سب ڪلاس ٽو تحت ان فيصلي تي عملدرآمد جي ذميواري هاءِ ڪورٽن تي آهي، جسٽس منصور علي شاهه کي حڪومت تي چڙهائي بدران هاءِ ڪورٽن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته ان فيصلي تي عملدرآمد اڃا تائين ڇو ناهي ٿيو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران اڃا تائين اليڪشن ڪميشن کي جواب لاءِ ناهي گهرايو ويو، ٻي ڳالهه ته مخصوص سيٽن بابت تفصيلي فيصلو اڃا تائين ناهي آيو ان ۾ ڪيترائي آئيني ۽ قانوني پهلو آهن جيڪي بحث طلب آهن جنهن جي ڪري ان فيصلي تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي،مختصر فيصلي بعد مهيني اندر تفصيلي فيصلو اچڻ ضروري آهي، جسٽس منصور علي شاهه تفصيلي فيصلي بابت پنهنجي بنيادي ذميواري ادا ناهي ڪئي ،هن وقت کان اڳ حڪومت کي وارننگ جاري ڪئي آهي، هن جي ساٿي ججن ان فيصلي تي 16 سوال اٿاريا آهن،ٻئي پاسي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مدي ۾ واڌ جي باري ۾ جيڪي افواهه گردش ڪري رهيا آهن اهي بي بنياد قرار ڏنا پيا وڃن،جسٽس منصور علي شاهه جي مقرري بابت ٻه مهينا اڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ به هڪ غلط روايت هوندي،
لاهور(معظم فخر)مائنس ٽو فارمولو ڇا آهي؟ اسلام آباد ۾ ڪهڙو پلان تيار ٿي رهيو آهي؟ حڪومت پاران سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي مقرري معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي مقرري واري فارمولي تي عمل ڪيو ويندو،اتي جسٽس شهزاد ملڪ کي سپريم ڪورٽ موڪلڻ کانپوءِ سينئر ترين جج جسٽس شجاعت علي ۽ جسٽس باقر علي نجفي هئا پر سپريم جڊيشل ڪائونسل ٽن سينيئر ججن جو نالو شامل ڪري جسٽس عاليه نيلم کي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ بڻائي ڇڏيو،صدر پاڪستان کي ايندڙ چيف جسٽس لاءِ ٽن ججن جي نالن واري سمري وزيراعظم موڪليندو،هن وقت سينئر ترين ججن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي شامل آهن، اطلاع آهن ته ان فارمولي تحت قومي اسيمبلي ۾ 27 آگسٽ تي آئيني پئڪيج پيش ڪيو ويندو،جنهن ۾ آئيني عدالت متعارف ڪرائي ويندي،جنهن بعد آئيني جي تشريح لاءِ سمورا معاملا آئيني عدالت ۾ ويندا،ايندڙ ڏينهن ۾ هنگامي خيز صورتحال پيدا ٿيڻ واري آهي،چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تازو هڪ اهم ترين ڪميٽي ۾ جسٽس منصور علي شاهه کي آئوٽ ڪري جسٽس يحيٰ آفريدي کي شامل ڪيو آهي،ان سان گڏ جسٽس منصور علي شاهه سان گڏ ڊيپوٽيشن تي آيل ريسرچر کي سندس اصل کاتي ڏانهن اماڻيو ويو آهي ۽ جسٽس منيب اختر سان گڏ ڊيپوٽيشن تي آيل ڊرائيور کي سندس اصل اداري ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو آهي،ان معاملي تي ججن ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي،
جسٽس منصور علي شاهه ۾ آمريڪي سفارتڪارن جي دلچسپي
اسلام آباد(عبدالقيوم صديقي)مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو 13 جولاءِ تي ڏنو ويو،28 ڏينهن گذرڻ باوجود تفصيلي فيصلو اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيو آهي، اطلاع آهن ته تفصيلي فيصلو جسٽس منصور علي شاهه ايندڙ هفتي لکندو، اهو فيصلو گرمين جي موڪلن کانپوءِ ايندو، تفصيلي فيصلي کان اڳ ان تي عملدرآمد جو سوال ڪٿان پيدا ٿي پيو؟ اسلام آباد ۾ عدالتي نظام بابت ٿيل تقريب ۾ آمريڪي سفارتخاني جا عملدار به موجود هئا،انهن ۾ هڪ پوليٽيڪل سيڪريٽري به شامل هو، جسٽس منصور علي شاهه اسٽيج ڇڏي آمريڪي سفارتڪارن سان به مليو، ان موقعي تي جسٽس منصور علي شاهه صحافين سان آف دي رڪارڊ ڳالهيون به ڪيون
نوٽ: هي تجزيا، روزاني عوامي آواز، سومر 12 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيا