پوليس ۾ رٽائرڊ فوجين جي ڀرتي سنڌ سرڪار جي ناڪامي جو ثبوت آهي:محنتي

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ملڪ جي معاشي، سياسي صورتحال توڙي عدم استحڪام جو سبب قوم تي جعلي قيادت مسلط ڪرڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو اهم ڪردار رهيو آهي جنهن کي تاريخ ۾ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو. سياست  مان اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي مڪمل طور تي ختم ٿيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي، ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن گڏجي عوام جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، ڪچي ۾ رٽائرڊ فوجين کي پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ وارو حڪومتي اعلان سنڌ حڪومت جي ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي.بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪشمور ۾ تمام جلد مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويندو،حڪومت امن امان جي قيام، ڌاڙيل راڄ جي خاتمي سميت ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڀرپور ۽ نتيجه آڻيندڙ آپريشن ڪري ته جئين سنڌ جو عوام سُک جو ساهه کڻي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ قباء آڊيٽوريم ۾ صوبائي مجلس شورى جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.