مظفرآباد ( م ڊ ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي. قابض ڀارتي فوج اسلام آباد ضلعي ۾ ڪشميرين کان تلاشي وٺڻ بعد مٿن فائرنگ ڪئي،ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب هڪ ڪشميري شهيد ۽ ٻه شهري زخمي ٿي پيا ،اسلام آباد ضلعي ۾ سرچ آپريشن ۾ 2 ڀارتي فوجي به مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا. والاريل وادي جي اسلام آباد ۽ ڪشتواڙ ضلعن ۾ ڀارتي فوج جو گهيرو ۽ سرچ آپريشن جاري آهي.