اسلام آباد (م ڊ) سامان ۽ خدمتن جي روانگي واپار جي لحاظ کان ڏيوالو ٿيل ملڪ سريلنڪا به پاڪستان کان اڳتي نڪري ويو آهي. شماريات بيورو جي رپورٽ موجب ڏيوالو ٿيڻ باوجود سريلنڪا پنهنجي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ ان جو روانگي واپار جي ڊي پي جي 30 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو روانگي واپار جي ڊي پي جو 12 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. دستاويزن موجب فلپائن، مصر ۽ بنگلاديش به روانگي واپار ۾ پاڪستان کان اڳتي آهن، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت جو روانگي واپار جي ڊي پي جي 24 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي. شماريات بيورو موجب مصر واپار جي حساب سان سڀني کان اڳتي آهي، جيڪو جي ڊي پي جو 30 سيڪڙو آهي، فلپائن جو روانگي واپار جي ڊي پي جي 22 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته بنگلاديش جي ڪل روانگي واپار جي آمدني جي ڊي پي جي 16 سيڪڙو جي برابر آهي. دستاويزن موجب پاڪستان روانگي واپار جي لحاظ کان گذريل 13 سالن کان خطي جي ٻين ملڪن کان پوئتي آهي، پاڪستان جي ليبر پيداوار ۾ پڻ خطي جي سمورن ملڪن کان پوئتي آهي. ان ۾ ڀارت، ترڪي، فلپائن، سريلنڪا ۽ بنگلاديش پاڪستان کان اڳتي آهن.