بنگلاديش ۾ عالمي سامراج سازش ڪئي،کاٻي ڌر کي متحد ٿيڻو پوندو:ساڃاهه وند

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) شھيد نذير عباسي جي مشن کي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان اڳتي وڌائڻ جي سخت ضرورت آھي، پوري دنيا ۽ خاص ڪري ننڍي کنڊ اندر سامراج پنھنجا وحشي چنبا کوڙي مظلوم ۽ محڪوم عوام کي پنھنچي پاليسين جو غلام بنائڻ ۾ پوري ريت رڌل آھي،  اھڙو اظھار جاڳرتا فورم سکر  جي اڳواڻ حبيب منگيءَ پريس ڪلب سکر ۾ شھيد نذير عباسي جي 44 ھين ورسيءَ تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ صدارتي تقرير ڪندي ڪيو، ان موقعي تي اثر امام، ڊاڪٽر حبيب سومري، نبن ساکاڻي، فيض سومري، ممتاز منگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته کاٻي ڌر جي سياست اڳ کان ڪافي ڪمزور ٿي چڪي آھي، ان جا اصلوڪا سبب ڳولي انھن جو ازالو ڪرڻ گھرجي، مزدورن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ کاٻي ڌر ماضيءَ ۾ مک ڪرادار ڪندي رھي آھي پر ھاڻي پورھيتن جون يونينز نه ھجڻ برابر آھي، ھنن چيو ته نذير عباسيءَ پورھيت ڪازلاءِ پنھنجي جان جي قرباني ڏني ، سندس وني ۽ ٻين سندس پارٽيءَ جي اڳواڻن پڻ قربانيون ڏنيون آھن، ھنن وڌيڪ چيو ته نذير سڀني مظلوم قومن جي نجات لاءِ جدوجھد ڪئي، ھن ٽارچر سيلن ۾ پنھنجن ساٿين بابت ڪجھ ٻڌائڻ بدران پاڻ سان گڏ گرفتار ساٿين کي گانن ذريعي پيغام ڏيڻ ۽ کين حوصلي سان ٿيندڙ تشدد سھڻ جي تلقين ڪندو ھو، ھو پنھنجي شادي کان چند ڏينھن بعد گرفتار ٿيو ھو ۽ سندس وني پٽ فيڊر جي پورھيتن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ ڪارڻ گرفتار ڪئي وئي ھنن وڌيڪ چيو ته نذير جي مشن جي پورائي لاءِ سڀني کاٻي ڌر جي تنظيمن ۽ فردن کي پنھنجا ويڇا پاسيرا رکي ايمانداراڻي نموني سان  مسلسل جدوجھد ڪرڻي پوندي، نذير جنھن عوام دوست سنڌ دوست ۽ وطن جي مظلوم طبقن لاءِ جان جي قرباني ڏني ان مشن کي پورو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي ، جيڪڏھن کاٻي ڌر وارا نه گڏيا ته پوءِ ڪنھن به انقلاب جو اچڻ ممڪن ناھي، ھنن چيو ته اسان جي پاڙي ۾ جيڪو انقلاب آيل آھي اھو اصل ۾ انقلاب ناھي بلڪه عالمي سامراج جي اشارن تي پنھنجي ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ جي سازش آھي، جنھن جو اتان جي عوام کي ڪو فائدو نه رسندو بلڪي سمورو ملڪ ۽ بعد ۾  سمورو خطو سخت متاثر ٿيڻ وارو آھي، ان موقعي تي نذير عباسيءَ جي ونيءَ جي ڀاءٌ ۽ جاڳرتا جي جاکوڙي اڳواڻ شفاعت گھانگھري عابدھ گھانگھرو جو نذير جي شھادت تي ڪيڏاري وارو نظم پڙھيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.