بابا سائين محمد ابراھيم جويو جي حال حيات وڏي پٽ جي حيثيت ۾ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين، ليکڪن اديبن، دانشورن ، عام و خاص سنڌ جي سڄڻن، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي بابا سائين جي پينشن جي ڪتاب مطابق، پاسپورٽ جي ڪتاب مطابق، ميڊيڪل جي ڪارڊ مطابق، نادرا جي خانداني رجسٽريشن جي مطابق، نادرا جي نئين ۽ پراڻي سڃاڻپ ڪارڊ مطابق جيڪي ثبوت طور ھن پوسٽ سان لڳايا پيا وڃن ۽ انھي رڪارڊ مطابق ڄاڻ ڏئي رھيو آھيان ته بابا سائين جي اصل ڄم جي تاريخ 22 آگسٽ 1915 آهي نه ڪي 13 آگسٽ. ڪجهه ڌريون ، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا خاص طور تي سنڌي ميڊيا بابا سائين جي ڄم جي تاريخ 13 آگسٽ عوام آڏو پيش ڪري ملھائين ٿا ! ۽ 13 آگسٽ تي اھي ماڻهو اوھان جي دانشور ۽ اسان جي بابا سائين جي قبر تي ڪيڪ ڪٽڻ جي بي حرمتي به ڪن ٿا . خبر ناھي آھي اھي اوھان کي ۽ جويو خاندان کي، اھڙي بي حرمتي ڪري ڪھڙو پيغام ڏيڻ چاھين ٿا ! ۽ انھي سا انهن جا ڪھڙا مفاد پورا ٿين ٿا!؟
منهنجي سنڌي قوم کي گذارش آهي ته ايڏي وڏي مھان شخصيت جي ڄم جي تاريخ جيڪا بابا سائين محمد ابراھيم جويو جي رڪارڊ مطابق 22 آگسٽ آهي انهي ڏينهن تي سالگرھ ملهائي انھن ماڻهن کي اھڙي ڪڌي ڪم کان روڪين ۽ کين اھو پيغام ڏيون ته ھاڻ توھان ۽ اسان جي سائين محمد ابراھيم جويو جي نالي تي ڪو به ڪاروبار ڪري ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهندا.
(محمد ابراهيم جويي جي پٽ جي پوسٽ)
اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ماڻهن پاران "ٻوٿ بوڪ” تي ٺڪاون جي برسات لڳل هوندي آھي. سي به اهڙا جو ڌڻي کان امان گهرجي. جيئن ويجهڙ ۾ اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينا جي مڙس جي حوالي سان هڪ ڪهاڻي گهڙي رکي ڇڏيائون ته دادو جي واجد علي شاه سان هن پيار جو پرڻو ڪيو هو ۽ سندس اهو مڙس سنڌي سڳورو هو. پر سندس مڙس ايم اي واجد علي وازيدا M. A. Wazed Miah آھي، جنهن جو اردو ۽ هندي اچار واجد آھي. اهو همراه وڏو بنگالي نيوڪليئر سائنسدان هو. فزڪس بابت سندس ڪتاب بنگال توڙي ڪجهه عالمي يونيورسٽين ۾ مقبول ۽ ڪم وارا آھن. انٽرنيٽ توڙي شخ حسينا بابت آفيشل ويبسائيٽن موجب نه رڳو اهو پر هن جا سياسي تاريخ تي به ڪتاب آيل آھن. وازد/واجد پيرگاني شهر بنگال ۾ 1942ع ۾ ڄائو. حسينا کان پنج سال عمر ۾ وڏو هو. ڍاڪا يونيورسٽي مان فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئائين. مئي 2009ع ۾ ڍاڪا ۾ گذاري ويو.
(ممتاز بخاري جي پوسٽ)