غزه ۾ اسرائيلي فوجين نماز پڙهندڙ فلسطينين تي هزارين پائونڊ وزني بم ڪيرائي انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن دنيا ۾ ڪٿي به جڏهن جنگ لڳندي آهي ته جنگ جي اصول موجب مسجد اسڪول اسپتالن متان بمباري ناهي ڪئي ويندي اهو عالمي اصول آهي جنهن تي سموري دنيا جا ملڪ پابند بڻيل رهيا آهن پر اسرائيل پنهنجي اصلي چهري سان اهي سڀ پابنديون اورانگهي انسانيت جو رت وهائيندو رهي ٿو جنهن کي ڪو به روڪڻ وارو ناهي جتي مسلمانن جو رت وهي رهيو آهي اتي عجب آهي ته دنيا جا مسلمان ملڪ خاموش آهن اسرائيل تازو ئي مسجد مٿان بمباري ڪري عورتن ۽ ٻارڙن سميت 120 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ڪيا آهن جنهن جي خبر عرب ميڊيا پوري دنيا کي ڏني آهي ان خبر موجب اترين غزه جي علائقي اندر پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ قائم اسڪول ۾ 250 کان وڌيڪ فلسطيني فجر جي نماز ادا ڪري رهيا هئا ته اسرائيل انهن تي هزارين پائونڊ وزني بم ڪيرائي ڇڏيا،حملي جي نتيجي ۾ 120 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. اسرائيلي فورسز جي اسڪول تي ڪيرايل 3 بمن مان هر هڪ بم جو وزن 2 هزار پائونڊ هو، اسرائيلي حملي جو نشانو بنجندڙ اسڪول ۾ بي گهر فلسطينين پناهه وٺي رکي هئي، اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته اسڪول حماس جو هيڊ ڪوارٽر هو جتي دهشتگرد موجود هئا، جڏهن ته غزه جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل ڄاڻي واڻي اسڪول کي نشانو بنايو آهي فلسطيني مزاحمتي تنظيم اسلامي جهاد الدرج جي اسڪول تي اسرائيلي بمباري کي مڪمل طور تي جنگي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.
. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته اسرائيل طرفان اهڙين حرڪتن جو ڪو جواز ناهي، يهودي فوج غزه ۾ شهرين تي حملا بند ڪري. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي جو چوڻ آهي ته غزه جي اسڪول تي اسرائيلي حملي ڏڪائي ڇڏيو، المناڪ جاني نقصان تي پريشان آهيون، بيليجيم جي پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل طرفان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اسرائيل جي جنگ فوري بند ٿيڻ گهرجي، آبادي کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ناقابل برداشت قرار آهي. هوڏانهن اسرائيلي اخبار موجب اسرائيل جي شهرين نيتن ياهو خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اڄ مظاهرا ڪيا ويندا. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته حماس ۽ اسلامي جهاد جي 20 ميمبر اسڪول هلائي رهيا هئا حماس اسرائيلي دعويٰ رد ڪندي چيو ته اسرائيلي فوج ڪوڙا بهانا ڳولهي رهي آهي، مصر چيو ته اسرائيل جو تازو حملو ثبوت آهي ته اسرائيل جنگبندي نٿو چاهي، دنيا ۾ اها ڳالهھ هاڻي عام ٿي رهي آهي ته اسرائيل جي ان جنگ جو اهم مددگار آمريڪا آهي هڪ پاسي آمريڪا اسرائيل کي چئي رهيو آهي ته جنگ بندي ڪريو ٻئي پاسي ان کي جوهري مدد فراهم ڪري رهيو آهي جنهن جو ثبوت ڪالهھ پڻ ظاهر ٿيو آهي جنهن ۾ آمريڪا اسرائيل کي 3.5 ارب ڊالر جي فوجي امداد جي منظوري ڏني ان مان صاف ظاهر آهي ته آمريڪا اسرائيل جي هن جنگ ۾ حصيدار آهي انسانيت جو رت پيئندڙ آمريڪا اسرائيل کي روڪڻ بجاءِ ان جي جوهري مدد ڪري دنيا آڏو بي نقاب ٿيو آهي هاڻي مسلم ملڪن کي گڏجي اسرائيل کي سبق سيکائڻ گهرجي ۽ مسلمان جو ڳاٽ دنيا ۾ اوچو ڪرڻ گهرجي.