اسلام آباد (منيب فاروق) آرمي چيف جنرل عاصم منير جو ٻه ڏينهن اڳ ڪيل خطاب پي ٽي آءِ باني عمران خان لاءِ ڊيل جا در بند هجڻ جو واضح پيغام آهي. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل آهن، ان مان نڪرڻ جو واحد رستو ڳالهيون آهن. موجوده فوجي اسٽيبلشمنٽ مان ڪو به عمران خان سان ٺاهه لاءِ تيار ناهي. ان ڳالهه جو پري پري تائين ڪو به امڪان ناهي. حڪومت کي به فوجي قيادت جي مڪمل حمايت مليل آهي ۽ ان جي خاتمي واريون خبرون به غلط آهن. پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين اڳواڻن کي پنهنجون غلطيون مڃڻيون پونديون، ان کانسواءِ معاملو اڳتي نه وڌندو. پي ٽي آءِ کي اها ڀُل آهي ته فوج ان کي پاڻ ڳالهين لاءِ چوندي، ائين ڪڏهن نه ٿيندو، اهڙو ڪو به امڪان ناهي.