ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي معصوم شاهه قبرستان ۾ عورتن جي لاشن جي بي حرمتي ڪندڙ وحشي جوابدار کي شهرين سڳ سوڌو پڪڙي ورتو جنهن کانپوءِ کيس تشدد جو نشانو بڻائي پوليس حوالي ڪيو ويو. جوابدار هڪ قبر ۾ عورت جي لاش جي بي حرمتي ڪري رهيو هو ته کيس هڪ ٻار کي دفنائڻ لاءِ آيل ماڻهن فرار ٿيندي ڏسي ورتو هو. ڪورنگي پوليس موجب 40 سالن جي جوابدار سليم وحيد اعتراف ڪيو آهي ته هو قبرستان ۾ تدفين لاءِ آندل عورتن جي لاشن تي نظر رکندو هو ۽ قبر کوٽي عورتن جي لاشن جي بي حرمتي ڪندو هو. جوابدار جاچ دوران پوليس کي ٻڌايو ته هو هن وقت تائين 4 عورتن جي لاشن کي قبر مان ڪڍي انهن جو ريپ ڪري چڪو آهي، 8 سال اڳ به عوام کيس ڪورنگي نمبر هڪ جي قبرستان مان سڳ سوڌو پڪڙيو هو. پوليس کي ڏنل بيان ۾ جوابدار چيو ته کيس تازن گلن جي بوءِ مان خبر پئجي ويندي هئي ته اها قبر تازي آهي. پوليس فوتڻ جي پٽ جي شڪايت تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. ايف آءِ آر موجب 55 سالن جي عورت کي قبرستان ۾ دفنايو ويو، جوابدار ايمرجنسي لائيٽ جي مدد سان قبر کوٽڻ کانپوءِ لاش جي بي حرمتي ڪئي ۽ ريپ ڪيو. پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه سيد موجب گرفتار جوابدار کي طبي معائني لاءِ جناح آندو ويو، ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ قبر ۾ دفن عورت جي لاش جو معائنو ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ مئجسٽريٽ جي منظوري گهربل هوندي.