بجلي بلن ۾ رليف نه مليو ته پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين: حافظ نعيم

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت کي معاهدي جي هڪ هڪ شق تي عمل ڪرائينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور جي مقامي هوٽل ۾ ٽي وي پروڊيوسرز سان ڳالهائيندي ڪيو. حافظ نعيم چيو ته جيڪڏهن عوام کي رليف نه ڏنو ويو ته پارليامينٽ  هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، تحريڪ جاري رهندي، سڄي ملڪ ۾ اجلاسن جو شيڊول طئي ڪيو پيو وڃي، عوام جو ڪيس پوري قوت سان وڙهبو.ڪنهن کي به ڀڄڻ نه ڏينداسين.هن چيو ته آءِ پي پيز جو فرانزڪ آڊٽ ٿيندو ۽ ڪيپيسيٽي چارجز جي مد ۾ بچت سان بجلي جي بلن ۾ سڌو سنئون فائدو ٿيندو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت کي مجبور ڪيو ويو آهي ته جاگيردارن کان ٽيڪس وٺي.حافظ نعيم چيو ته معاهدي تي عملدرآمد لاءِ مقرر مدي دوران ملڪ گير جلسن جو سلسلو جاري رهندو، 14 آگسٽ تي ملڪ گير هڙتال جي تاريخ ڏيندس. معاهدي تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ بجلي جي بلن جي بائيڪاٽ جو آپشن به موجود آهي.هن چيو ته 11 آگسٽ تي لاهور ۾ جلسو ٿيندو، اقليتن کي به دعوت ڏني ويندي ۽ اقليتن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. اهڙي طرح 12 آگسٽ تي پشاور ۽ 16 آگسٽ تي ملتان ۾ عوامي جلسا ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.