سکر (رپورٽ: آزاد مهر) شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سکر ۽ شڪارپور پوليس پاران گڏيل آپريشن ڪيو پيو وڃي. پوليس مک جوابدار شيرل مهر جي گرفتاري جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪارروائي دوران رشيد ڪرسي جتوئي گرفتار ٿيو آهي، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن. ايس ايس پي سکر امجد حسين شيخ جو چوڻ آهي ته پوليس ڏوهارين جا رستا بند ڪري چرپر تي نظر رکي رهي آهي، حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. شيرل مهر جي گرفتاري بابت سوشل ميڊيا تي خبرون ڪوڙيون آهن. ميڊيا کي وقت کان اڳ ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهجي، اميد آهي ته جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو.