ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس محمد شفيع صديقي چيو آهي ته عدالتي نظام کي وڌيڪ شفاف بنائڻ جي ضرورت آهي، ڪيسن کي ترت اڪلائڻ سان انصاف جو نظام بهتر ٿيندو، عوام جو عدالتن تي اعتماد آهي اسان جو فرض آهي عوام کي انصاف جي فراهمي ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪريون، اهڙن خيالن جو اظهار چيف جسٽس جسٽس محمد شفيع صديقي ملير جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ مسجد ۽ ليڊيز بار جي افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو، چيف جسٽس جسٽس محمد شفيع صديقي چيو ته اڳ پنجائت ۽ جرڳا ٿيندا هئا انگريزن عدالتي نظام قائم ڪيو، هن نظام کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڪافي اهڙا ڪيس هوندا آهن جيڪي ايڊمنسٽريشن ۽ گهريلو زندگيءَ جا هوندا آهن، اهڙو ڇو نه فيصلو ڪجي جو اهڙا ڪيس سالن جا سال هلن ٿا اهي ڪيس جلد کان جلد ختم ڪجن، اهڙي عمل سان ڪورٽن تان به بار هلڪو ٿيندو، هن چيو ته ملير بار ايسوسيئيشن جو منهنجو پهريون دورو آهي، مسجد جو افتتاح الله پاڪ جي مهرباني آهي جيڪو مون ڪيو آهي، ملير ڪورٽ ۾ اسپتال جو بندوبست ڪري رهيا آهيون لائبريري هڪ اعلي لائبريري هوندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر ناصر رضا رند چيو ته انساني حقوق جي پائمالي ٿي رهي آهي، سڄي سنڌ ۾ انساني حقن جي پائمالي تي اوهان کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل آهي، تقريب ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، جسٽس محمد جنيد غفار، جسٽس شمس الدين عباسي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير، ملير بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري شير خان راهوجو، ميمبر سنڌ بار ڪائونسل محمد اشرف سمون سميت ٻين به شرڪت ڪئي.