ڪراچي ۾ ڦرلٽ جي ٻن واقعن ۾ 2 شهري قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦرلٽ جي ٻن واقعن ۾ 2 شهرين کي قتل ڪيو ويو. نارٿ ناظم آباد ۽ سپر هاءِ وي انڊسٽريل ايريا جي ٿاڻن ۾  واقعن جا ڪيس داخل ڪيا ويا. نارٿ ناظم آباد واقعي جو ڪيس مقتول سان گڏ رهندڙ دوست جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، ڪيس علي حمزه جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. علي حمزه ٻڌايو ته ڪي ڊي اي چورنگي فلاءِ اوور تي 2 موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هٿيار ڏيکاري ، منهنجو موبائل فون، پرس کسي ورتو  ۽ چاٻي اڇلائي فرار ٿي ويا. سپر هاءِ وي ايوب ڳوٺ ۾ مبينا ڦورن مزدور الله ڏنو کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول پٽ سان ٽي وي وٺي وڃي رهيو هو ته ڦورن هٿان مارجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.