پشاور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، عورت 3 ڌيئرن ۽ هڪ پٽ سميت مارجي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 3 ڌيئرن ۽ هڪ پٽ سميت عورت کي قتل ڪري ڇڏيو

پشاور جي پوليس موجب، واقعو شاهه پور ۾ پيش آيو، جتي جوابدار ڏوهه ڪرڻ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. قتل ٿيندڙن ۾ 40 ورهين جي نورين، 18 سالن جو ياسر، 19 سالن جي ناياب، 12 سالن جي هني ۽ 15 سالن جي جويريا شامل آهن.

پوليس موجب مقتولا سوات جي فيصل نالي هڪ شخص سان گڏجي مڙس کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ تازو جيل مان آزاد ٿي هئي.

پوليس موجب واقعو مقتولا جي مڙس جي قتل جو ردعمل لڳي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.