ڊاڪٽر يونس پاران پاڪستان لاءِ پنهنجي هاڪاري جذبن جو اظهار

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) ڍاڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سيد احمد معروف پاران بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه ڊاڪٽر محمد يونس سان ملاقات ڪئي وئي آهي.

ملاقات ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سيد احمد معروف چيو ته اميد آهي ته ڊاڪٽر يونس ڪاميابيءَ سان بنگلاديش کي خوشحال مستقبل ڏانهن وٺي ويندو.

پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سيد احمد معروف چيو آهي ته بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه ڊاڪٽر محمد يونس سان ملاقات اعزاز جي ڳالهه آهي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر يونس پاڪستان لاءِ هاڪاري جذبن جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.