وزيراعليٰ پنجاب پاران ارشد نديم لاءِ ڏهه ڪروڙ انعام جو اعلان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ چاليهه ورهين بعد گولڊ ميڊل کٽڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پاڪستاني جيولين اسٽار ارشد نديم لاءِ ڏهه ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي وزيراعليٰ پنهنجي بيان ۾ چيو ته جشنِ آزادي جي موقعي تي ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽي قوم کي آزاديءَ جو تحفو ڏنو، هن ڏکيائين باوجود چاليهه سالن بعد پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيو آهي.
ان کانسواءِ مريم نواز طرفان ارشد نديم جي نالي سان منسوب اسپورٽس سٺي ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.