ٻي شادي حق آهي، ڪو سٺو ساٿي مليو ته ضرور ڪنديس: صائمه قريشي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شوبز انڊسٽري سان واڳيل اداڪارا صائمه صديقي ٻي شادي بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
صائمه قريشي نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي ميزبان طرفان کائنس شادي بابت سوال پڇيو ويو.
اداڪارا جواب ڏيندي چيو ته عورتن کي به زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ان ۾ ڪائي برائي به نه آهي، فلحال شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي پر جيڪڏهن ڪو بهتر انسان منهنجي زندگي ۾ آيو الله مون کي حق ڏنو آهي مان ٻي شادي ضرور ڪنديس.
هن چيو ته فلحال ٻارن ۽ پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏئي رهي آهيان، وڏو پٽ سپورٽ ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته اوهان زندگيءَ ۾ جيڪو به فيصلو ڪنديس هو مون سان گڏ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.