لاهور (و يب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ جيولين ٿرورو ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي هڪ غلطي ڪري ويٺو.
پيرس اولمپڪس ۾ گذريل رات مينز جيولين ٿرو ايونٽ جي فائنل ۾ ارشد نديم پاڪستان لاءِ چاليهه ورهين بعد گولڊ ميڊل کٽيندڙ ايٿيليٽ بڻيو.
ارشد نديم جي تاريخي ڪاميابي تي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ اولمپڪ چيمپيئن کي مبارڪون ڏئي رهيا آهن.
ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم به سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏني پر هو پنهنجي پيغام ۾ هڪ غلطي ڪري ويٺو.
بابر اعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 30 سالن کانپوءِ پاڪستان گولڊ ميڊل کٽيو آهي، ناقابلِ يقين ڪاميابي لاءِ ارشد نديم کي کوڙ ساريون واڌايون.
ان پيغام ۾ بابر کان غلطي اِها ٿي ته پاڪستان اولمپڪس ۾ 30 سالن کانپوءِ گولڊ ميڊل ناهي کٽيو پر 40 ورهين بعد سونو ٻِلو ماڻيو آهي.
پاڪستان آخري ڀيرو 1984 ۾ هاڪي جي ميدان ۾ اولمپڪس گولڊ ميڊل کٽيو هو، جيڪڏهن آخري اولمپڪ ميڊل جي ڳالهه ڪجي ته اِهو به پاڪستان 32 سالن کانپوءِ کٽيو آهي.
پاڪستان آخري ڀيرو 8 آگسٽ 1992 تي اولمپڪس ميڊل پوڊيم تي قدم رکيو هو جڏهن هاڪي ٽيم بارسلونا اولمپڪس ۾ نيڌرلينڊز کي ٽن جي مقابلي ۾ چئن گولن تان شڪست ئي ميڊل کٽيو هو.
You might also like