ادارن ۾ بحران جو سبب عدليا آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مخصوص سيٽن بابت عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هڪ بار بار مداخلت ڪري رهيو آهي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ارشد نديم کي پوري قوم طرفان مبارڪون ڏيڻ چاهيان ٿو.
هن چيو ته ملڪ ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن، لياريءَ جا ٻارڙا فيفا ورلڊ کٽي سگهن ٿا، وفاق، راندين وارو وزير ۽ صوبائي وزير سان گڏجي اينڊوومينٽ فنڊ قائم ڪري.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو عوام معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، ملڪ ۾ لا اينڊ آرڊر جي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ٽي وي تي اسان هڪٻئي کي گاريون ڏئي رهيا آهيون.
هن چيو ته سياسي ڪارڪن بنگلاديش جي حالتن کي انتهائي غور سان ڏسي رهيا آهن، بنگلاديش ۾ شهيدن جي ڪوٽا بابت احتجاج ٿيو، احتجاج شروع ٿيو ته حسنيه واجد کي حڪومت ڇڏڻي پئي، اسان کي عوام جي اصل مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان جا مسئلا ڪجهه اوهان جي هٿ ۾ آهن ڪجهه اوهان جي هٿ وس ناهن.
هن چيو ته ادارن وچ ۾ ويڇا نظر اچي رهيا آهن، هڪ ادارو بار بار پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ان اداري سياست ۾ چانهه جي پياليءَ جي طوفان کي هڪ وڏي بحران ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هي ڪرائسز آف دي جوڊيشري، باءِ دي جوڊيشري فار دي جوڊيشري آهي.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾اُهو ڏنو ويو جيڪو گهريو ئي نه ويو هو، سيٽون ٽافين جيان ورهايون ويون، 13 جنوري جي چونڊ نشان واري فيصلي هڪ مئل پارٽي کي جيئرو ڪري سياسي فائدو پهچايو، سڄي دنيا ۾ پاڪستاني عدليا جهڙي ڪائي عدليا ناهي ، اِها ڊيم ٺاهي سگهي ٿي، سموسن ۽ ٽماٽن جا اگهه به مقرر ڪري سگهي ٿي، عدليا ارشد نديم جيان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.
هن دعويٰ ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو جي قتل ۽ عام شهرين جي ڪيسن تي فيصلا ناهن ايندا، اسان کي انصاف لاءِ ٽن نسلن تائين جدوجهد ڪرڻي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.