نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي جيولين ٿرور نيرج چوپڙا جي امڙ سروج ديوي به ارشد نديم جي پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
سروج ديوي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيرج چوپڙا جي سلور ميڊيل تي به خوش آهيون، اسان لاءِ سلور به گولڊ ميڊل جهڙو ئي آهي، ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽيو هو به منهنجو پٽ آهي اتي پهچڻ لاءِ سڀ محنت ڪندا آهن.
سروج ديوي نيرج چوپڙا جي پهرين ٿرو ضائع ٿيڻ تي چيو ته اِهو سڀ راند جو حصو آهي، اسان نيرج جي ڪارڪردگي مان گهڻو خوش آهيون.
هن چيو ته ميدان ۾ سڀ کيڏڻ ۽ کٽڻ لاءِ لهندا آهن، پر کٽيندو ڪو هڪ آهي، ڳالهه هريانه يا پاڪستان جي ناهي، اِها خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
ان موقعي تي نيرج چوپڙا جي والد ستيش ڪمار چيو ته هر رانديگر جي ڪاميابي جو ڏينهن هوندو آهي، اڄ ارشد نديم جو ڏينهن انڪري هو گولڊ ميڊل کٽي ويو.
هن چيو ته نيرج چوپڙا ڀارت لاءِ لاڳيتو ٻه ڀيرا اولمپڪس ميڊل کٽڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي اسان لاءِ اِها خوشي جي ڳالهه آهي.
نه رڳو پاڪستان ۾ پر ڀارت ۾ به نيرج جي سلور ميڊل جي خوشي ملهائي پئي وڃي ۽ اتي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.
You might also like