آءِ پي پيز جو جائزو وٺي رهيا آهيون، عوام کي خوشخبري ملندي: اويس لغاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن تي ٽاسڪ فورس چيئرمين ۽ وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته ڪالهه بجلي جي اگهن ۾ واڌ نه ٿي پر اگهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.
هن چيو ته ڪالهه خبر هلي ته 2 رپيا ڪجهه پيسا بجلي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ نه پر 77 پيسا گهٽتائي ٿي آهي، ڪجهه عنصر مايوسي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پروپيگينڊا ڪري عوام کي غلط تاثر ڏنو پيو وڃي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سڀني آءِ پي پيز جو جائزو وٺي رهيا آهيون، توانائي جي شعبي جا مسئلا حل ڪنداسين. عوام کي ايندڙ ڏينهن ۾ خوشخبري ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.