اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وائلڊ لائيف بورڊ جي چيئرپرسن رعنا سعيد کي برطرف ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، وائلڊ لائيف بورڊ کي گهرو وزارت جي ماتحت آڻڻ جي نوٽيفڪيشن تي عمل به روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته جنرلن ۽ بيوروڪريٽس ملڪ جو نظام سنڀالي ورتو آهي، اٽارني جنرل کي ڪجهه خبر ئي ناهي.
سپريم ڪورٽ ۾ مارگلا نيشنل پارڪ ۾ ڪمرشل سرگرمين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ اٽارني جنرل کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ خانگي ريسٽورنٽ مونال جي مالڪ لقمان علي افضل کي به طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ معاملي وزيراعظم جي علم ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.
عدالت کي ٻڌايو ويو ته چيئرپرسن وائلڊ لائيف بورڊ کي عهدي تان هٽائڻ کانپوءِ عدالتي حڪم بعد جهنگلي جيوت کاتي کي گهرو وزارت جي ماتحت ڪيو ويو.
چيف جسٽس چيو ته گهرو وزارت جو ڪم امن امان جو معاملو ڏسڻ آهي، قومي اثاثن جي حفاظت لاءِ عدالت جي حڪم جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي وئي، حڪومتي قدمن ذريعي عدالتي فيصلي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. خانگي هوٽل جو مالڪ ڪابينا سيڪريٽري جو ڇا لڳندو آهي؟. ڇا ڪابينا سيڪريٽري خانگي هوٽل مالڪ جو ڀاءُ ناهي؟، ڪابينا سيڪريٽري وائلڊ لائيف بورڊ جي چيئرپرسن کي هٽائڻ جي سمري وزيراعظم کان منظور ڪرائي.
چيف جسٽس چيو ته جنرلن ۽ بيوروڪريٽس ملڪ جو نظام کنيو آهي، اٽارني جنرل صاحب توهان کي خبر ناهي ته ڪم ڪيئن هلي رهيا آهن.
ٻڌڻي دوران ڪابينا سيڪريٽري طرفان وزيراعظم کي صاحب سڏڻ تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته کيس وزيراعظم چيو وڃي يا شهباز شريف صاحب چئو؟ انگريزيءَ ۾ ”وزيراعظم“ کي پرائم منسٽر چوندا آهن، صاحب نه سڏيو ويندو آهي،غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙيو اهو وزيراعظم آهي صاحب ناهي، جيڪڏهن شهباز شريف صاحب چيو ها ته سمجهه ۾ اچي ها.
اٽارني جنرل وائلڊ لائيف بورڊ کي گهرو وزارت جي ماتحت ڪرڻ جو عمل روڪڻ جو يقين ڏياريو. اٽارني جنرل وائلڊ لائيف بورڊ جي چيئرپرسن کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي به خاطري ڪرائي.
سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.