ايران کي شاهين ميزائل ڏيڻ جون خبرون، پرڏيهي کاتي جو بيان اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ايران کي شاهين ٿري ميزائل ڏيڻ بابت رپورٽس رد ڪري ڇڏيون.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته نائب وزيراعطم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب جو دورو ڪيو ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، نائب وزيراعظم ڪانفرنس ۾ غزا تي اسرائيل طرفان جاري بربريت تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ پاڪستان ڪشمرين سان يڪجهتي طور يومِ استحصال ملهايو، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ عسڪريت پسندي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جا ڀارتي الزام رد ڪري ٿو.
آمريڪا ۾ گرفتار پاڪستاني شهري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ان حوالي سان آمريڪي بيان ڏٺو آهي جڏهن ته معاملي تي آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ دهشگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڪيئي چئنلز موجود آهن، آمريڪي ڪانگريس ۾ بل ۾ پاڪستان ڏانهن غير ضروري اشارن جو نوٽيس ورتو آهي، ٻين ملڪن کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي، اميد ڪيون ٿا ته آمريڪي ڪانگريس پاڪ- آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪندي .
بنگلاديش جي صورتحال تي گفتگو ڪندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ هاڪاري لاڳاپا آهن، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام بنگلاديشي عوام سان ايڪي جوا ظهار ڪري ٿو، وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر محمد يونس کي چيف ايڊوائرز مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان بنگلاديش جي واقعن ۾ ملوث هجڻ جون سموريون رپورٽس رد ڪري ٿو. اهڙيون رپورٽون ڀارت جون پاڪستان بابت ذهني جنون جي عڪاسي ڪن ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني شهرين لاءِ عرب ملڪن جي ويزا تي پابندي نه آهي جڏهن ته برطانيا ۾ پيش آيل واقعي جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون، پاڪستاني هاءِ ڪميشن بنگلاديش ۾ پاڪستاني شاگردن سان به رابطي ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.