ڊاڪٽر مالڪ بلوچ قومي هيرو آهي: صادق عمراڻي

ڪوئيٽا (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير آبپاشي مير صادق عمراڻي چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ قومي هيرو آهي، بلوچستان ۾ پيپلز پارٽيءَ جي نه پر 3 پارٽين جي اتحادي حڪومت آهي، جنهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن)،  بلوچستان عوامي پارٽي ۽ پيپلز پارٽي آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته بلوچستان ۾ اتحادي حڪومت آهي، چڱا ۽ خراب رڳو پيپلز پارٽيءَ تي نه پر اتحادي حڪومت تي مسلط آهن.  اهڙن خيالن جو اظهار هن خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سان بلوچستان جي عوام جي خودمختياري ۽ ڳالهين ذريعي بلوچستان جي معاشي آزادي جو حل چاهيون ٿا. ڊاڪٽر ماه رنگ ڀيڻ آهي، کيس ڳالهين جي دعوت ڏيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.