حيدرآباد(رپورٽر) لاڙڪاڻي جيل ۾ جي ڊي اي اڳواڻ دلبر سنڌي سان ملاقات ڪري موٽندڙ 13 ڄڻن مان 10 ڄڻن تي منشيات جو ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ پيءُ سميت 2 پٽ گم ٿيڻ وارو معاملو، وارثن سندن گرفتاري ظاهر ڪري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بدين جي رهواسي شاڪر حسين خواجا ڪالهھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جيل ۾ قيد جي ڊي اي اڳواڻ غلام محمد خواجا عرف دلبر سنڌي سان ملاقات لاءِ ويل 13 دوستن ۽ مائٽن مان لاڙڪاڻي جي پوليس 10 ڄڻن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪري گرفتاري ظاهر ڪئي آھي، جڏهن 60 ورهين جي الطاف خواجا کي ٻن پٽن زوهيب ۽ شفقت سميت پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جو ڪو به پتو ناهي. هن چيو ته الطاف حسين خواجا غلام محمد عرف دلبر سنڌي جو ڀيڻوو آھي، جنهن کي 2 پٽن سوڌو پوليس گم ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته الطاف حسين 60 ورهين جو پيرسن آھي، جنهن جو سياست سان ڪو به واسطو نه آھي. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته سياسي بنيادن تي گرفتار ڪري جيل موڪليل دلبر سنڌي سميت ڪوڙي منشيات جي ڪيس ۾گرفتار ڪيل 10 ڄڻا ۽ پوليس پاران کنڀي گم ڪيل الطاف حسين خواجا ۽ ان جي 2 پٽن کي فوري طور ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.