سنڌ کي مقتل گاھ ڇو بڻايو ويو آهي

تحرير: حڪيم پريم چاندواڻي۔

اڳي ۾ ڪو قتل ٿيندو هيو ته عوام سوڳ جي حالت ۾ اچي ويندو هيو، کين ماني به نه وڻندي هئي پر هاڻي هر روز اهڙين خبرن جون سرخيون ڇپبيون رهن ٿيون ۽ ڪنهن جي جسم تي ڪا به جونءَ نٿي رينگي۔ ايڏي بي حسي کي ڏسندي اهل دل انسان حيران ۽ پريشان ٿي وڃن ٿا، معصوم ٻارڙن کي هوس جو نشانو بنائي بعد ۾ پڪڙ جي خوف کان انهن معصومن کي قتل ڪيو وڃي ٿو۔ ڪجهه ڏوهارين کي سزا به ملي ٿي پر اڪثريت سزا کان بچي وڃي ٿي۔ تنهن ڪري ڏوهارين جي دل وڌي وڃي ٿي ۽ هو وڌيڪ سفاڪ ۽ وحشي بنجي وڌيڪ ڏوھ ڪندا رهن ٿا۔  حقيقي نظر سان ڏٺو وڃي ته اهڙا ڏوهاري ذهني مريض، وحشي، جنوني ۽ سفاڪ هجن ٿا۔ جيڪڏهن هو ٿورو به سوچن ته  قتل ڪرڻ کان پوءِ ڪيتري سزا ملندي قيد بند ۾ ڪهڙيون تڪليفون اينديون، ٻين فيملي ميمبرس جو ڇا ٿيندو انهن جو وقت ڪيترو ڏکيو گذرندو ته جيڪر هو قتل ئي نه ڪن۔ پر قانون جي ڪمزوري سبب ۽  ڏوهارين جو پڪڙ کان بچي وڃڻ سبب ڏوهن ۾ ڪمي جي بجاءِ واڌارو ريڪارڊ ڪيو ويو آهي۔

جڏهن ته قتل اهڙو ڪبيرا گناھه آهي جنهن کي رب پاڪ ڪڏنهن به معاف نٿو ڪري۔ جيستائين وڃي اهو مقتول پاڻ پنهنجي قتل جي معافي نٿو ڏئي۔ انهيءَ مان هر هڪ کي سمجهڻ گهرجي ته قاتل لاءِ ڪا به معافي نه آهي ۽ قاتل کي جهنم جي تحت السرا  ۾ اڇلايو ويندو ۽ ڪيتري به سزا ڀوڳڻ کان بعد به ان کي معافي ڪڏنهن به ناهي ملڻي۔ اها وحشت دهشت انا پرستي ۽ ڪوڙي وڏائي، فخر ۽ پاڻ پڻو سڀ ڪجهه اجايو آهي، اڪثر ڪري اهو به ڏٺو ويو آهي ته اهڙا قاتل دين ايمان ۽ روحاني علمن کان بلڪل اڻ واقف ۽ وانجهيل هوندا آهن ۽ ٿوري ضد ڪاوڙ يا حسد سبب معصوم جانيون وٺڻ ۾ ڪا به دير يا گريز ناهن ڪندا۔ هر هڪ مسئلي جو حل ضرور موجود هوندو آهي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوئي ڪيترو سنجيده آهي۔

سنڌ کي مقتل گاھ ڇو بڻايو ويو آهي، هٿيار وغيره ڪٿان ٿا اچن، ڪير ٿو پهچائي ۽ انهن قتلن ۽ حالتن کي خراب ڪري ظالم عناصر ڪهڙا مفاد حاصل ڪن ٿا، هاڻي ته سڀ ڪجهه واضح ٿي ويو آهي ته انهن کي هٿيار ڪير ٿو سپلاءِ ڪري۔ ديرپا امن ڇو نٿو بحال ٿئي۔ ڪهڙيون ڪمزوريون يا ڪوتاهيون آهن ڪهڙي جاءِ تي جهول آهي ڪير اهل آهي ديرپا امن ڪرائڻ لاءِ، ڇا ڪرڻ گهرجي ڪهڙا احتياطي اپاء وٺڻ گهرجن، جو اهي موتمار هٿيار هن امن جي خطي ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ پڪڙجي پون يا جيڪي موتمار هٿيار ڏوهين وٽ موجود آهن، انهن کان ڪيئن واپس ڪرايا وڃن ۽ ڏوهارين کي بي هٿيار ڪيو وڃي۔ پوليس فورس کي وڌيڪ جديد ۽ خودڪار هٿيار ڏنا وڃن جيئن سنڌ واسي امن سک چين جي زندگي گذاري سگهن، قاتلن لاءِ سخت کان سخت سزائون هجڻ گهرجن، ڏوهارين سان گڏوگڏ انهن جي سهولت ڪارن، انهن کي پناھ ڏيندڙن يا انهن جي ساٿارين کي پڻ قانون جي جڪڙ ۾ آندو وڃي،  قبائلي جهيڙن کي بنا دير ختم ڪرايو وڃي۔ جيئن سنڌ جو امن امان تباھ ڪري سنڌ کي پوئتي ڌڪڻ وارو ڀوائتو ۽ بڇڙو خواب رستي ۾ دم ٽوڙي وڃي ۽ بدخواهن کي ابدي ننڊ سمهاري سنڌ کان کسيل سڪون واپس ورايو وڃي ۽ ساڳيون سونهن سوڀيا  ۽ جنت الفردوس جو ڏيک ڏيڻ واريون رونقون بحال ڪرائي پاڻ کي عظيم  قومن جي لسٽ ۾ شامل ڪري، اڃا به وڌيڪ ته ترقي يافته قومن ۾ سرفهرست رهي سرخروئي ۽ سرفرازي واري زندگي گهاري سگهجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.