اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي آمريڪا ۾ پاڪستاني شهري آصف مرچنٽ جي گرفتاري ۽ مٿس فرد جرم لاڳو ٿيڻ واري معاملي تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
آمريڪا ۾ پاڪستاني شهري آصف مرچنٽ جي گرفتاري واري معاملي تي پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته آصف مرچنٽ بابت ميڊيا رپورٽس ڏٺيون آهن، ان معاملي تي آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون.
هن چيو ته آصف مرچنٽ جي معاملي تي وڌيڪ تفصيلن جو انتظار ڪري رهيا آهيون، باظابطا ردعمل ڏيڻ کان اڳ آصف مرچنٽ جي ماضيءَ بابت معلومات جي تصديق چاهيون ٿا.
واضح رهي ته آمريڪي عدالت ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين سياستدانن جي قتل جي امڪاني سازش جي الزام هيٺ پاڪستاني شهري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، آصف مرچنٽ تي آگسٽ يا سپٽيمبر ۾ نيويارڪ وڃي ڀاڙي جي قاتل سان گڏجي قتل جي منصوبابندي جو الزام آهي.
آمريڪي انصاف واري وزارت الزام لڳائيندي چيو ته 46 ورهين جي پاڪستاني شهري آصف مرچنٽ جا ايراني حڪومت سان مبينا رابطا آهن، ايف بي آءِ جو خيال آهي ته قتل جي مبينا سازش جو هدف ڊونلڊ ٽرمپ هو.
You might also like