واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي عدالت ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين سياستدانن جي قتل جي امڪاني سازش جي الزام هيٺ پاڪستاني شهري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، آصف مرچنٽ تي آگسٽ يا سپٽيمبر ۾ نيويارڪ وڃي ڀاڙي جي قاتل سان گڏجي قتل جي منصوبابندي جو الزام آهي.
آمريڪي انصاف واري وزارت الزام لڳائيندي چيو ته 46 ورهين جي پاڪستاني شهري آصف مرچنٽ جا ايراني حڪومت سان مبينا رابطا آهن، ايف بي آءِ جو خيال آهي ته قتل جي مبينا سازش جو هدف ڊونلڊ ٽرمپ هو.
آمريڪي انصاف واري کاتي موجب، آصف مرچنٽ جو چوڻ آهي ته هو پاڪستاني شهري ۽ پاڪستان ۾ رهندو آهي سندس ڪراچي سان تعلق آهي، هن اِهو به ٻڌايو ته سندس پاڪستان سان گڏ ايران ۾ به زال ۽ ٻار آهن، ان کانسواءِ هو ڪيئي ڀيرا ايران، شام ۽ عراق جا دورا ڪري چڪو آهي.
آمريڪي انصاف واري کاتي جو چوڻ آهي ته آصف مرچنٽ ٻڌايو ته سندس منصوبي جا ٽي حصا هئا، هدف جي گهر مان يو ايس بي ڊرائيوز چوري ڪرڻ، احتجاج پلان ڪرڻ ۽ ڪنهن سياستدان يا سرڪاري اهلڪار کي قتل ڪرڻ سندس پلاننگ جو حصو هو.
آمريڪي ميڊيا موجب، مبينا سازش جو هدف آمريڪي حڪومت جا موجودا ۽ اڳوڻا اهلڪار هئا، آصف مرچنٽ جنهن ڀاڙي جي قاتلن سان رابطي ۾ هو اِهو حقيقت ۾ ايف بي آءِ اهلڪار هو.
آمريڪي فريادي ڌر موجب، آصف مرچنٽ کي 12 جولاءِ تي آمريڪا مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش وقت گرفتار ڪيو ويو .
پوليس ذريعن موجب، آصف مرچنٽ جو پنسلوينيا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي سان ڪو واسطو ناهي، اِهو الڳ معاملو آهي.
نيويارڪ جي بروڪلين فيڊرل ڪورٽ ۾ پيش ڪيل دستاويز ۾ به ڊونلڊ ٽرمپ جو نالو ناهي پر آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ۾ مرچنٽ جي هدف ۾ شامل هو.
جيتوڻيڪ آصف مرچنٽ تي الزام اهڙي وقت ۾ لاڳو ڪيا ويا آهن جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ تي 13 جولاءِ تي قاتلاڻي حملي جي ڪوشش ٿي چڪي آهي پر اِهو واضح ڪيو ويو آهي آصف مرچنٽ جي ٽرمپ تي حملا جا ڪي به ثبوت نه آهن.
آمريڪي ميڊيا موجب، آصف مرچنٽ سازش جي شروعات اپريل ۾ ڪئي جڏهن ته هو آمريڪي حڪومتي عملدارن کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان ڀاڙي جا قاتل ڀرتي ڪرڻ آمريڪا ويو هو.
ٽرمپ ۽ ٻين سياستدانن جي قتل جي سازش جو الزام، پاڪستاني شهري تي فرد جرم لاڳو
You might also like