اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن طرفان مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن طرفان اڄ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ريويو پٽيشن داخل ڪئي ويندي.
اليڪشن ڪميشن کان اڳ نون ليگ به مخصوص سيٽون تحريڪِ انصاف کي ڏيڻ واري فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست داخل ڪري چڪي آهي جڏهن ته مخصوص سيٽن تي چونڊيل ڪجهه ميمبرن به فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪئي آهي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني بئنچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏيندي عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.
You might also like