قاضي احمد ۾ کوسا برادري ۾ خوني تڪرار جو نبيرو، 4 خونن جو اڍائي ڪروڙ ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ

قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو) قاضي احمد جي ڪوٽ فقير رسول بخش انڙ تي ڳوٺ شھمير کوسو جي ٻن ڌرين محمد  شريف کوسو ۽ محمد  ھاشم کوسو وچ ۾ زمين جي مقاطعي تان ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو  ٿيو. سردار ڄام چنگيز خان انڙ ۽ محمد خان جوڻيجي نبيري جا سرپئنچ هئا. ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ چئن خونن، عورتن ۽ مردن جي زخمي ٿيڻ، عورت جي حمل ضايع ٿيڻ تي ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور اڍائي ڪروڙن کان مٿي ڏنڊ وڌو ويو. اشفاق کوسي جي قتل تي هاشم کوسي ڌر ساک ڏني. تڪراري زمين رئيس علي اسد انڙ حوالي ڪئي وئي. ڪنهن به ڌر جي اڳرائي تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ رکيو ويو. فيصلي کانپوءِ ڌريون کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. فيصلي ۾ کوسا برادري جي سردار مير امتياز کوسو، پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري، علي نواز چانڊيو، اڳوڻي ايم پي اي شير محمد انڙ،  سردار ڄام افتخار علي انڙ، ميان عمران علي انڙ، رئيس ڄام علي اسد انڙ، سردار احمد يار کوسو سميت وڏي انگ ۾ کوسا برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ياد رهي ته ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا اشفاق کوسو، رجب کوسو، مشتاق کوسو ۽ عظيم کوسو مارجي ويا هئا. هڪ عورت سميت 12 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. جهيڙي کانپوءِ بند پيل اسڪول کلي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.