اسلام آباد(م ڊ) توانائي بابت سيڪريٽري انڪشاف ڪيو آهي ته بجلي جون ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي ملازمن کي هر مهيني سوا ارب رپين جي مفت بجلي ڏني ويندي آهي، سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين محسن عزيز جي صدارت هيٺ ٿيو. توانائي واري وزير اويس لغاري چيو ته هن ڊسڪوز جي ملازمن کي مفت بجلي کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي بدلي رقم ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي پر عدالت ان معاملي تي اسٽي جاري ڪري ڇڏيو آهي، سيڪريٽري پاور جو چوڻ هو ته ڊسڪوز ملازمن کي هڪ ارب 30 ڪروڙ رپيا ماهوار مفت بجلي ڏئي ٿو، هر ملازم کي سراسري طور تي 78 هزار رپيا جي بجلي ملي ٿي، اويس لغاري چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي آءِ پي پيز جي ٺيڪن جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي، آءِ پي پيز صرف 85 ڪلاڪ هلن ٿيون، انهن پلانٽس کي ساليانو 49 ارب رپيا ڏنا ويندا آهن، سيڪريٽري پاور چيو ته جيڪڏهن ڪو پلانٽ سڄو سال بند رهي ته تڏهن به ان کي ادائيگي ملندي رهندي آهي، ڇو ته اسان ان پلانٽ کي هلائڻ اسان جي وس ۾ ناهي، اهي پلانٽ اسان جي ميرٽ آرڊر تي پورا نه ٿا اچن.