اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي گوڙ ۽ هنگامي دوران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي، سينيٽ به اليڪشن ايڪٽ بل جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي سريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) جي ميمبر بلال اظهر ڪياني اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، مخالف ڌر جي ميمبرن بل جي سخت مخالفت ڪئي.اپوزيشن ميمبر پنهنجين سيٽن تي بيٺا رهيا ۽ ايوان ۾ نعريبازي ڪندا رهيا، اپوزيشن ميمبر اسپيڪر ڊائس جي سامهون اچي ويا، اپوزيشن ميمبرن بل نامنظور، عدليه ۽ جمهوريت تي حملو نامنظور جا نعرا هنيا.ترميمي بل ۾ چيو ويو ته چونڊ نشان حاصل ڪرڻ کان اڳ پارٽي سرٽيفڪيٽ جمع نه ڪرائيندڙ اميدوار کي مخصوص سيٽن جي لسٽ مقرر مدي اندر جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ آزاد اميدوار تصور ڪيو ويندو.ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به اميدوار طرفان مقرر مدي ۾ هڪ ڀيرو سياسي پارٽي سان الحاق جو اعلان ناقابل واپسي هوندو.سني اتحاد ڪائونسل جي صاحبزاد صبغت الله ترميم پيش ڪئي، قانون واري وزير نذير تارڙ ترميم جي مخالفت ڪئي، پي ٽي آءِ جي علي محمد خان اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪئي، قانون واري وزير ان جي به مخالفت ڪئي، جنهن کانپوءِ علي محمد خان جي ترميم کي به اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو.علي محمد خان چيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل غير آئيني آهي، قانون سازي ڪري اسان کي سپريم ڪورٽ جي ڏنل حق کان ڪيئن محروم ڪري سگهجي ٿو، بل سياسي مقصدن لاءِ منظور ڪيو ويو آهي. هن چيو ته رڳو 39 ميمبر حلال آهن ۽ باقي حرام آهن، اسان ان بل کي رد ڪريون ٿا، ان تي سخت احتجاج ڪريون ٿا، ان قانون خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين، ڇو ته اهو بل قانون سازي نه آهي پر هڪ سياسي پارٽي جي فاشزم ۾ شامل آهي، علي محمد خان چيو ته ان قانون ذريعي سپريم ڪورٽ تي حملا ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ کي استعمال ڪيو ويو قانون سازي پاڪستان جي مفاد ۾ ٿيڻ گهرجي، قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته 81 ميمبرن هن ئي ايوان ۾ حلف کنيو ته هو سني اتحاد ڪائونسل جو حصو آهن، اڄ چون ٿا ته نه، اسان فلاڻي پارٽي جو حصو آهيون؟ ڪنهن هڪ ڳالهه تي ته بيهن، اسين رڳو اليڪشن قانون ۾ وضاحت آڻي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته آئين ۽ قانون خلاف قانون سازي ڪئي پئي وڃي، اها سموري ڪوشش رڳو ان ڪري آهي ته هنن پنهنجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ فارم 47 کي تبديل ڪيو، اهڙي طرح هاڻي عورتن ۽ اقليتن جون سيٽون به حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي، هئي ۽ رهندي، هي پارليامينٽ ضرور سپريم آهي، پر سپريم ڪورٽ کي بيان ڏيڻ جو اختيار آهي، ان قانون کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو، بئريسٽر گوهر چيو ته جيڪڏهن توهان سياسي پارٽين کي جڳهه نه ڏني ته ڪو ٻيو اچي ويندو، توهان جو انجام حسينه واجد جهڙو ٿيندو، ڪالهه اسان جو هڪ ميمبر فوت ٿي ويو پر هو گهر نه وڃي سگهيو، گهر وڃڻ چاهي پيو پر ظلم جي ڪري گهر به وڃي نه سگهيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر فاروق ستار اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان بل تي اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي، آئيني اداري خلاف قانون سازي درست ناهي، فاروق ستار چيو ته توهان مفاهمت جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، ڪاش اهو مسئلو سياسي طريقي سان حل ٿئي ها، جيڪڏهن عدالت بدران پارليامينٽ فيصلو ڪري ها ته ڪو رستو نڪري وڃي ها، پيپلز پارٽي جي ميمبر شازيه مري چيو آهي ته عوام جي مسئلن تي ايوان ۾ بحث ٿيڻ گهرجي ۽ قانون سازي پارليامينٽ جو ڪم آهي، عدالتن جو نه، اليڪشن ايڪٽ بابت غلط تاثر ڏنو پيو وڃي، هي بل سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ناهي، بل پارٽي سان وفاداري کي يقيني بڻائي ٿو ته پوءِ غلط ڪيئن آهي؟. هن چيو ته توهان ڊجيٽل دهشتگردي شروع ڪري ڇڏي آهي، هاڻي اها دهشتگردي نه هلندي، توهان جي پوڙهي چيئرمين تي بحث نه ڪنداسين، پاڪستان جا مسئلا هن شخص کان وڏا آهن، هن کي صرف فريج ۽ اي سي ڏيو ۽ عوام کي ڳالهه ڪريو. هن چيو ته 9 مئي وارن جي مذمت ڪريو، توهان نفرت جو درس ڏنو آهي، جيڪو تقسيم ۽ نفرت پيدا ڪري اهو محب وطن نٿو ٿي سگهي، هڪ محب وطن 14 سال قيد ڪاٽڻ بعد صدر جي ڪرسي تي ويٺو آهي، ملڪي استحڪام لاءِ هر قيمت ادا ڪنداسين.