اسلام آباد (م ڊ) حڪومت فيڊرل بيورو آف روينيو (ايف بي آر) جي ڊجيٽلائزيشن جو فيصلو ڪري ورتو. وزيراعظم شهباز شريف ٽاسڪ فورسز جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪا ايف بي آر جي ڊجيٽلائزيشن لاءِ صروري پاليسي اپاءَ تجويز ڪندي. 10 رڪني ٽاسڪ فورس جو چيئرمين ناڻي ۽ روينيو وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ هوندو. ڊيٽا آٽوميشن تي عملدرآماد ۽ سافٽ ويئر سلوشنز به ٽي او آر جو حصو آهي، وزيراعظم ٽاسڪ فورس کي ديٽا کي صوبنجي روينيو اٿارٽيز، وزارتن ۽ سرڪاري کاتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي به ذميواري ڏني. ٽاسڪ فورس ٽيڪس جي بنياد کي هٿي ڏيڻ لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ کي سنگل بنيادي سڃاڻپ ٺاهي آڊٽ ڪندي، ٽاسڪ فورس سپلاءِ چين جي آٽوميشن به ڪندي.